گهوٽڪي ۾ عورت ٿاڻي پهتي، تشدد جون دانهون

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۾ عورت ڏير ۽ ان جي پٽن جي تشدد کان تنگ اچي ٿاڻي تي پهچي وئي، پوليس اڳيان تشدد جون دانهون،  ڏير مٿان پٽن سميت اين سي داخل خبرموجب سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي نواز سولنگي واسڻ مسمات موران شيخ ڏير ۽ ان جي پٽن جي تشدد کان تنگ ٿي سرحد ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آھي، عورت موران شيخ دانهيندي چيو ته ڏير پنهل شيخ، ان جا پٽ برڪت ۽ مقبول شيخ ناحق مون مٿان بدترين تشدد ڪندا آھن، جن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، عورت موران شيخ جي فرياد تي ڏير پنهل شيخ ۽ ان جي پٽن برڪت شيخ ۽ مقبول شيخ مٿان اين سي داخل ڪئي وئي پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.