چڪ لڳ چور پورهيت جي گهر مان ڀلوڙ مينهن ڪاهي ويا

لکي غلام شاھ(ت ر) چڪ لڳ دائم ملڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ طريل خان جاگيراڻي ۾ 3 نامعلوم چورن پورهيت  حفيظ الله پٽ بچل جاگيراڻي جي گهر کي کاٽ هڻي گهر مان هڪ مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا .سجاڳ ٿيڻ تي ڀاڳين پيرا کڻي ڊرٻ ٽانوري ڳوٺ ڀرسان روڊ تي گم ڪري ڇڏيا.پيرا گم ٿيڻ بعد ڀاڳين پاران چوري ٿيل مينهن جي واپسي لاء ( ٽنڊي وارو قلمي قرآن) کڻي مختلف ڳوٺن ۾ گهمائي چوري ٿيل مينهن واپس ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آھي .پورهيت حفيظ الله جاگيراڻي جو چوڻ آھي ته هو انتهائي مسڪين ماڻھو آھي سبزي منڊي سکر ۾ پورهيو ڪندو آھيان علائقي واسي ۽ پوليس خدا واسطي مدد ڪن .

مومل ماڙي ڀرسان چور ڳوٺاڻي جي موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا

مومل جي ماڙي ( رپورٽر ) ماٿيلو مومل جي ماڙي ۽ ڀرپاسي ۾ چورن جو راڄ،رهواسي آزار ۾،پوليس کي ننڊ.خبر موجب ماٿيلو مومل ماڙي ويجهو ڳوٺ غلام محمد ڪلادي ۾ نامعلو چور وڏيرو ڪرم علي ڪلادي جي گهر ۾ گهڙي چوپايو مال ۽ موٽر سائيڪل چورائي ويا. گهر ڀاتين جي سجاڳ ٿيڻ بعد هڪ چور کي سوڳو ڪري همت ڪري ٻڪريون ڇڏائي ورتون جڏنهن ته چور موٽر سائيڪل ڪاهي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.اهڙي واقعي جو پوليس کي اطلاع ڪيو ويو.

گهوٽڪي ۾ جهيڙي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 9 جوابدارن کي 3-3 سال قيد جي سزا

گهوٽڪي ( ڊ ر )گهوٽڪي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جهيڙي جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي 9جوابدارن کي 3 -3 سال قيد ۽ 32 – 32 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي خبر موجب  گهوٽڪي جي سيڪنڊ سول جج ماڊل  ڪورٽ اعجاز احمد دايو جي عدالت ۾ جهيڙي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته فريادي عورت خاتون ڀٽو جو وڪيل قادر بخش ڀٽي ۽ جوابدارن جو وڪيل پرديپ ڪمار عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجا دليل مڪمل ڪيا عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جهيڙي جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي عطاء الله ڀٽو، حبيب الله ڀٽو، حميد الله ، عزيزالله ، علي بخش، صاحب علي، نياز حسين، برڪت علي ۽ ڪريم بخش ڀٽو کي 3-3 سال قيد ۽ 32-32 هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي موڪلي ڇڏيو.  واضح رهي ته جوابدارن مٿان سال 2019 ۾ وسطي جيوڻ شاه ٿاڻي تي عورت خاتون ڀٽو جهيڙي جو ڪيس داخل ڪرايو هو.جنهن جي گهوٽڪي جي سيڪنڊ سول جج ماڊل ڪورٽ اعجاز احمد دايو جي عدالت ۾ جهيڙي ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٻڌائي .

لکي غلام شاهه ۾ نوجوان کان موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر

لکي غلام شاھ(ت ر) لکي غلام شاھ سکر/شڪارپور نيشنل هاء وي روڊ رينجرس چونڪي ڀرسان موٽرسائيڪل سوار ڦورن شڪارپور کان لکي ايندي لکي واسي نوجوان شاڪر سومرو کي اڳ ڏئي هٿيارن جي  زور تي موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم  ڦر ڪري فرار ٿئي ويا،نوجوان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم جي لکي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي،لکي پوليس روڊ تي سرگرم ڦورن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪري سگهي،علائقي ۾ خوف ڇانيل.

خانپور ۾صحت مرڪز ۾ آيل همراهه جي موٽر سائيڪل چوري

خانپور (ن ع آ ) خانپور شھر جي رورل ھيلٿ سينٽ تان ڳوٺ ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي جو رھواسي سرور شيخ دوا وٺڻ خانپورا سپتال آيو موٽر سائيڪل بيھاري اندر اسپتال ويو ت چاٻي چور سي ڊي 2019 موٽر سائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع خانپور ٿاڻي تي ڏنو ويو پر پوليس ڪو ب ٻوٽو ن ٻاريو پوليس ننڊ ستل ڏوھاري سرگرم ڏوھن ۾ روزانو اضافو ٿئي پيو پر پوليس ڏوھارين خلاف ڪو ب ايڪشن کڻڻ لاء تيا ناھي .

ڪوٽڙي جو صحافي بيماري بعد پنڻ لڳو، سرندي وارن کي مدد جي اپيل

ڪوٽڙي (ت ر ) صحافت کي جواني ارپيندڙ هريش سامي مفلسي واري زندگي گھارڻ تي مجبور ٻچن جي بک اجهائڻ لاءِ دردر تي هٿ ٺنگهن لڳو جسماني طور ڪمزور ٿي ويل هريش سامي صحافت کي پنجويهه  سال ارپيا ڪوٽڙي جي گهٽين ۾ گداگري ڪندي کيس ڏٺو ويو روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي هن چيو  ته  بيماري سبب مفلسي واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهيان، مسلسل بيمار رهڻ ڪري ٻچا فاقا ڪٺڻ تي مجبور آهن، صحافت کي 25سال ارپيا اٿم ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيم بار بار ڪوشش ڪرڻ باوجود ڪنهن به اداري روزگار سان نه لڳايو نه ئي ڪنهن مالي مدد ڪئي، جنهن سبب مايوس ٿي هٿ ٺنگهڻ شروع ڪيم ٻچن جي خاطر هٿ ٽنڳڻ ۾ شرمندگي ضرور محسوس ٿي ٿئي پر بک کان وڌيڪ خطرناڪ هٿ ٽنگڻ ناهي بيماري سبب مزدوري ڪرڻ جهڙو به ناهيان رهيو ان لاءِ گداگري ڪري پيٽ گذر ڪريا ٿو اڪثر سٿ جا ساٿي فون ناهن کڻندا شاگردن به وساري ڇڏيو آهي ان ڪري مايوسي واري زندگي گذاري رهيو آهيان اعلي اختياريون سرندي وارا مالي مدد ڪري روزگار کولي ڏين ته جيئن هٿ ٽنگڻ  کان بچي وڃان،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.