حڪمران طبقا، گروهي مفادن جي تضادن جو پس منظر ۽ عوامي ايجنڊا

امدادقاضي

پاڪستان جي سياسي حلقن حڪمران طبقن جي ڊپ ۽ خوف مان نڪري ڪري ڪنهن حد تائين سياسي جلسن ۽ جلوسن جو سلسلو شروع ڪيو آهي، تنهنڪري ئي ملڪ ۾ سياسي سرگرمين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، مخالف ڌر پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي نالي تي اتحاد جوڙي سرگرميون شروع ڪيون آهن ۽ ان پليٽ فارم جي بنياد تان بيانن ۽ احتجاجن جو سلسلو جاري آهي جتان پاڪستان جي جنرلن جي رياست ۽ سياست ۾ مداخلت روڪڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ميان نواز شريف جو چوڻ آهي ته جرنيلن يا فوج جي سياست ۽ رياست جي معاملن ۾ مداخلت ئي ملڪ ۽ سويلين اقتدار کي تباهه ڪيو آهي، اسان جو چوڻ آهي ته فوج جي هر حال ۽ هر صورت ۾ رياست ۽ سياست جي معاملن کان پري رهڻ گهرجي، فوج جي رياست ۽ سياست ۾ مداخلت ڪري ملڪ هن وقت تائين مضبوط معاشي طاقت بڻجي نه سگهيو آهي ۽ ملڪ جا ادارا ڪمزور کان ڪمزور تر ٿيندا ويا آهن.

نواز شريف جيڪي هن وقت بيان جاري ڪري رهيو آهي، بنيادي طور تي اهڙا بيان ملڪ ۾ ڪميونسٽ ۽ کاٻي ڌر جو موقف رهيا آهن ملڪ ۾ اهڙا بيان 1953ع کان جاري رهيا آهن،ان سان گڏوگڏ ملڪ جون کاٻي ڌر جون جماعتون، ترقي پسند دانشور، ليکڪ ۽ صحافي پڻ اهڙي موقف تي قائم رهيا آهن، ڪميونسٽ پارٽي اهڙا آواز تڏهن کان اٿاري رهي آهي جڏهن حڪمرانن آمريڪا جي اثر هيٺ اچي پاڪستان کي طفيلي ۽ ڀاڙيتو رياست ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. نواز شريف جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي جيڪي بيان ڏئي رهيو آهي، اهڙا بيان ڪميونسٽ پارٽي ۽ ملڪ جون کاٻي ڌر جون جماعتون شروع وارن ڏينهن کان ڏينديون رهيون آهن، اهڙا بيان جڏهن کاٻي ڌر جو قوتون ڏينديون هيون ته انهن جو مقصد ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي بحالي ۽ سامراج کان نجات ئي هوندو هو.

ڪميونسٽ پارٽيءَ جو شروع کان موقف رهيو آهي ته فوج ۽ جنرلن کي آئين مطابق سولين حڪومت جي ماتحت رهي صرف سرحدن جي حفاظت ڪرڻي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان تي غداريءَ جا ڪيس ٺهندا هيا جهڙي نموني هاڻي نواز شريف تي ٿي رهيا آهن. اسان کي اهڙي موقف اختيار ڪرڻ جي ڪري ئي قيد ڪيو ويندو هو ۽ قيد ۾ ذهني ۽ جمساني تشدد پڻ ڪيو ويندو،ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف راولپنڊي ساز ڪيس جوڙيو ويو ۽ ان بعد آخر ۾ 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي پابندي مڙهي وئي. ڪامريڊ حسن ناصر ۽ ڪامريڊ نظير عباسيءَ جهڙن اڳواڻن کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، ڪيترن ئي ساٿين پنهنجي زندگين جي انمول ڏينهن ۾ قيد خانن ۾ عقوبتون برداشت ڪيون ۽ ظالم سٺا، ڪيترا ته قيد خانن ۾ ئي  هن دنيا کي الوداع چئي هليا ويا، خوشي آهي ته اڄ اسان جي اهڙي موقف جي ڪجهه حصن کي ماضيءَ جا حڪمران طبقا اڄ جي آمر حڪمرانن آڏو پيش ڪري رهيا آهن.

ڪميونسٽ پارٽي سمجهي ٿي ته موجوده حڪومت کي آمريڪا طرفان مخصوص مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اقتدار ۾ آندو ويو هو، اهڙي ئي نموني نواز شريف جي حڪومت کي نااهل قرار ڏنو ويو هو، اهڙن ٻنهي عملن جي پويان اندروني ( ملڪي) ۽ بيروني ( پرڏيهي) تضاد لڪل آهن، سي پيڪ تي آمريڪا کي اعتراض هيا، (جڏهن ته سي پيڪ تي ڪميونسٽ پارٽيءَ کي پڻ اعتراض آهن، پر اسان جو ملڪي مفادن ۽ چين جي غلاميءَ ۾ وڃڻ وارين پاليسين تي اعتراض هيو )  چين ۽ آمريڪا وچ ۾ عالمي هڪ هٽي قائم ڪرڻ واري معاملي تي اڳ ئي ڇڪتاڻ موجود هئي، جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريڪا جي صدر ٿيڻ بعد اهڙن تضادن ۽ ڇڪتاڻ ۾ تيزي اچي وئي ۽ ٻنهي ملڪ ۾ اختلاف ۽ تضاد وڃي سرد جنگ جي دور واري ڪيفيت ۾ پهتا، نواز شريف کي هٽائي عمران خان کي آڻڻ پويان پڻ اهو ئي تضاد ڪم ڪري رهيو هو . آمريڪا ۾ جنرل باجوه کي جيڪو گارڊ آف آنر ڏنو ويو، اهو گارڊ آف آنر ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري رهيو هو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان ڪافي تبديليون اچڻ واريون آهن. عمران حڪومت جي قائم ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو سي پيڪ جي حوالي سان حڪومتي سطح تي اعتراض اٿڻ لڳا ، ڇو جو عمران حڪومت کي اها ئي ايجنڊه ڏني وئي هُئي جنهن تحت هن ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو ، اهو ئي سبب آهي جو سي پيڪ تي عمل انتهائي سست ٿيندو ويو، چين اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي متبادل انتظام ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ايران سان معاهدو ڪري چاهه بهار وارو بندرگاهه حاصل ڪري ورتو جنهن بعد گوادر جي چين وٽ اها اهميت نه رهي . اهو ئي سبب آهي جو چين پاڪستان ۾ ڪٺ پتلي حڪومت کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

پاڪستان ۾  اسٽبلشمينٽ پيپلز پارٽيءَ ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت تي ڪوڙا ڪيس قائم ڪيا، انهن کي جيلن ۾ بند ڪيو، ايترو خوار ٿيڻ بعد به اهي کلي ڪري اسٽبلشمينٽ خلاف ڳالهائي نه ٿا سگهن، حد ته اها ٿي وئي جو انهن جنرل قمر باجوهه کي ان جي مدي ۾ ٽن سالن لاءِ توسيع ڏيڻ لاءِ قانون سازيءَ ۾ پڻ مدد ڪئي، پر هاڻي عالمي تضادن ۽ خاص ڪري جنرل باجوهه جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع واري مسئلي تي اسٽبلشمينٽ ۾ جيڪي تضاد ٿيندا يا ٿيا آهن هي اهي هاڻي کلي سامهون اڀري رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هاڻي نوازشريف پڻ کلي ڪري اسٽبلشمينٽ خلاف ڳالهائي رهيو آهي. بحرحال ملڪ ۾ عمران خان جي حڪومت جي معاشي پاليسين ملڪ ۾ غربت ۽ مهانگائيءُ کي انتهائي وڌائي ڇڏيو آهي ۽ ملڪ جو عوام ٻار هُجي توڙي ٻڍو عورت هُجي يا مرد ٻه لک روپين کان وڌيڪ قرضن جي بار ۾ جڪڙجي چڪو آهي جڏهن ته فوج ۽ حڪومت جا خرچ مسلسل وڌي رهيا آهن.

عوام هن حڪومت کان هر صورت ۾ نجات چاهي ٿو ، عمران حڪومت خلاف پي ڊي ايم جي سڌ تي مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن ۽ پارٽين جيڪڏهن ڪا طاقتور تحريڪ هلائي ته صورتحال سنگين ٿي ويندي ۽ اهڙي صورتحال ۾ امڪان اهو ئي آهي ته هن نظام جا سياسي چهرا تبديل ڪري عوام جي غصي کي ٿڌو ڪيو وڃي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين کي اعتماد ڏياريو وڃي، ها جيڪڏهن صورتحال اڃان به شديد ٿي وئي ته پوءِ اهو به ممڪن آهي ته باجوهه کي به پنهنجي عهدي تان استعفى ڏيڻي پئي. اها حقيقت آهي ته اهڙي ڪنهن به ڪوشش جي ڪري جيڪڏهن ڪابه تبديلي آئي ته پوءِ به آمريڪا، چين يا سعودي عرب مان ڪنهن هڪ ڌر جي مفادن جو ئي تحفظ ڪرڻ لاءِ قائم ٿي سگهندي ۽ اهڙي حڪومت جڏهن به قائم ٿي ته اها جي ايڇ ڪيو جي انتظام هيٺ ئي قائم ٿيندي. اهي قوتون اسٽبلشمينٽ سان معاملا طئه ڪنديون ۽ جيڪا به نئين حڪومت ايندي ان کي اسٽبلشمينٽ ذريعي ئي معاملا نڀائڻ جو پابند بڻايو ويندو ، سمجهڻ اهو گهرجي ته پاڪستاني اسٽبلشمينٽ ۽ بين الاقوامي اسٽبلشمينٽ جي ڪنهن هڪ ڪيمپ جي وچ ۾ ئي معاهدو ٿي سگهندو.

پي ڊي ايم جي قيادت فضل الرحمان کي ڏيڻ جو مقصد رڳو اهو ئي نه آهي ته وٽس هڪ سگهارو فورس آهي، پر ان جو مقصد اهو به آهي ته هن جا تعلقات سعودي عرب سان آهن ۽ سعودي حڪومت جو مٿس هٿ آهي، جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان تحريڪ جي قيادت ڪندو ته سگهارو امڪان اهو آهي ته هو سياست تحريڪ کي مذهبي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ سندس هاڻوڪي ڪوشش اڳ وارين ڪوششن کان وڌيڪ نقصان ڪار هوندي، اسان اڳ ئي پي اين اي جا نتيجا ڀوڳي چڪا آهيون. موجوده حالتن ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ڪردار انتهائي ڦلهڙو ۽ ڪمزور آهي، ان جو مقصد اهو ئي آهي ته هن دفعي بين الاقوامي اسٽبلشمينٽ مان نه ته ڪو سيڪشن ساڻس معاملا طئه ڪرڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي وري ملڪي اسٽبلشمينٽ جو ڪو حلقو ساڻس معاملا طئه ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو پيپلز پارٽي هن تحريڪ ۾ مخالف ڌر ۾ به رهڻ گهري ٿي ۽ پنهنجي حڪومت به وڃائڻ نه ٿي چاهي. جيڪڏهن تحريڪ جي سلسلي ۾ نين چونڊن جو ڪو ماحول جڙي ٿو ته پيپلز پارٽيءَ لاءِ سنڌ حڪومت وري حاصل ڪرڻ به مشڪل ٿي ويندو، اهو ئي سبب آهي جو پيپلز پارٽي مرڪزي سيٽ اپ مان جان ڇڏائڻ جي خواهش جي باوجود ٻڏ تر جو شڪار آهي.

مستقبل جي سياست جو منظر نامو اهو آهي ته جيڪڏهن پنجاب تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو ته نيون چونڊيون ٿي سگهن ٿيون ۽ جنرل باجوهه جي به موڪل ٿي سگهي ٿي، پر عوام کي اها ڳالهه ذهن ۾ هُجي ته عوام جا مسئلا اتي جو اتي ئي رهندا. عوام جي احتجاجن جو فائدو رڳو اسٽبلشمينٽ جي هڪ حصي، عالمي اسٽبلشمينٽ جي ڪنهن ڪيئمپ مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف کي ئي نه پهچڻ گهرجي پر عوامي مطالبن کي پڻ موٽ ملڻ گهرجي ۽ انهن جا مسئلا پڻ حل ٿيڻ گهرجن. ڪميونسٽ پارٽي سمجهي ٿي ته سرمائيداري نظام جي هوندي، جنرلن جي سياسي ۽ رياستي معاملن ۾ مداخلت جي هوندي ۽ حڪمران طبقن جي انهن پارٽين جي هوندي عوام جي جان مسئلن مان ڪڏهن به آجي نه ٿيندي، انهن کي نه ڪڏهن روزگار ملندو ۽ نه ئي ڪڏهن وري مهانگائي ۽ غربت ختم ٿينديون، عوام کي پنهنجي ازلي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ آخر ڪار سوشلسٽ انقلاب جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو جو سوشلسٽ انقلاب ئي عوام جي سمورين تڪليفن جو حل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.