اٽي، کنڊ سميت هر شئي ٻري پئي آهي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ايندڙ جمعي 16 آڪٽوبر تي عالمن کي  وياج  خلاف  خطاب ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آھي ته ملڪ ۾ مھانگائي جو طوفان ۽ معاشي تباھي وياجي نظام جو ئي نتيجو آھي. وياجي معيشت ۾ چين ۽ سک ڪو نه آھي انڪري الله  تعاليٰ وياج کي حرام ۽ ڪاروبار کي حلال قرار ڏنو آھي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن قباء آڊيٽوريم ۾ وڊيو لنڪ ذريعي سنڌ جي ضلعي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته اٽو، کنڊ، دالون سميت روزانو عام واھپي وارين شين جا اگهه چوٽ چڙھي ويا آھن. غريب ماڻھولاءِ ماني جو ھڪ ويلو به مشڪل ٿي پيو آھي. حڪومت پنھنجي واعدي مطابق مھانگائي جي خاتمي ۽ قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.