اٽي ۽ کنڊ جا اگهه نه وڌڻ گهرجن ها: شاهه محمود

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي تسليم ڪيو آهي ته اٽي ۽ کنڊ جا اگهه نه وڌڻ گهرجن ها پر وڌيا آهن پر منافعي خورن جي استحصال کان بچڻ لاءِ ڪڻڪ ۽ کنڊ درآمد ڪرڻ جوفيصلو ڪيو آهي، اسلام آباد   وفاقي وزير خوراڪ سيد فخر امام ۽ صنعتن واري وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو وفاق جو هو ۽ وفاقي سرڪار ڪڻڪ جي 1.7 ملين ٽن ڪڻڪ کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو وقت سر فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته حڪومت پاران عام شهرين کي پيغام آهي ته اسان کي احساس آهي ته توهان تڪليف برداشت ڪئي آهي، کنڊ ۽ اٽي جا اگهه وڌڻ تي حڪومت غافل ناهي، هن چيو ته جائز منافعو ڪمائڻ غلط ڳالهه ناهي، پر ناجائز منافعي سان عام شهري بي پناهه متاثر ٿئي ٿو، هن چيو ته اسان جي ڪارڪنن سروي ڪئي، انهن مختلف منڊين ۽ دڪانن جا اگهه موڪليا، مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌيڪ آهن، هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا آفيسر سڀ سٺو آهي جي رپورٽ ڏين ٿا، ضروري ناهي ته زميني حقيقتون سرڪاري رپورٽن سان مطابقت رکنديون هجن، هن چيو ته صوبائي حڪومتن کي به وفاق سان گڏ انتظامي قدم کڻڻا آهن، جيڪڏهن ذخيره اندوزي ٿي رهي آهي ته ان کي ڏسڻ جي ذميواري وفاق جي نه بلڪه صوبن جي جي آهي، انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، ٽائيگر فورس رڳو حڪومت کي نشاندهي ڪندي، قيمتن کي ڪنٽرول نه ڪندي، حماد اظهر چيو ته کنڊ مارڪيٽ ۾ اچڻ کانپوءِ 15 رپيا في ڪلو اگهه گهٽ ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.