مهانگائي تي جلد ضابطو آندو ويندو، اپوزيشن ڪجهه به ڪري اين آر او نه ملندو: وزيراعظم

اسلام آباد( م ڊ ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته مهانگائي تي جلد ضابطو آندو ويندو، اپوزيشن ڪجهه به ڪري پر مفاهمت نه ٿيندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت  هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مهانگائي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان چيو ته مهانگائي جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جلد مهانگائي تي ضابطو آندو ويو. ذريعن موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته اين 120 لاهور ۾ اڍائي ارب رپيا خرچ ڪرڻ وارو معاملو جلد منظرعام تي آندو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم سان سينيٽر فيصل جاويد ۽ ذيشان خانزاده ملاقات ڪئي، ان ملاقات ۾ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي بحالي جي لاءِ مختلف قدمن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي اسلامي تاريخ تي ٻڌل فيچر فلمز ۽ ڊراما مقامي سطح تي بڻائڻ تي غور ڪيو ويو.ملاقات دوران وزير اعظم نوجوانن جي مثبت ۽ اڏاوتي سرگرميون وڌائڻ تي به زور ڏنو. هن چيو ته هو چاهي ٿو ته نوجوان اڏاوتي سرگرمين ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺن، هلندڙ هفتي ٽائيگر فورس جي ڪنونشن ۾ نوجوانن سان خطاب ڪنداسينوزير اعظم چيو ته هن اقتدار سنڀالڻ جي پهرين ئي ڏينهن چيو هو ته ڦرلٽ ڪندڙ گڏ ٿي ويندا، ڪجهه به ٿي وڃي مخالف ڌر سان مفاهمت نه ٿيندي، هي جلسا ڪن يا ڌرڻا هڻن اين آر او نه ملندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.