حڪومت کي ڊسمبر ڏسڻ نه ڏينداسين: مولانا فضل الرحمان

چارسده (  م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام(ف) ۽ اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته  اسان پنهنجي تحريڪ کي آخري حد تائين پهچائي ساهه کڻنداسين ۽ انشاءَالله هن حڪومت کي ڊسمبر ڏسڻ نه ڏينداسين.چارسده ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان ڌانڌلي  ذريعي چونڊجي آيل حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو آهي ۽ سڀ هڪ پليٽ فارم تي آهيون.  موجوده حڪمرانن پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪمرانن غريب ماڻهو جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي. عوام مهانگائي سبب پريشان آهي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته توهان جي ڪرسي جي ڪابه حيثيت ناهي. اسان توهان جي حڪمراني کي رد ڪريون ٿا.مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته 16 آڪٽوبر تي گوجرانواله ۾ عوام جو سمنڊ هوندو. پي ڊي ايم سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. انشاءَالله هنن کي ڊسمبر ڏسڻ نه ڏينداسين.  هن چيو ته اسان آئين ۽ قائون جي دائري ۾ رهي وڙهڻ چاهيون ٿا. تحريڪ شروع ٿي وئي آهي هاڻ منزل تي وڃي بيهنداسين ۽ هن تحريڪ کي آخري منزل تائين پهچائي سک جو ساهه کڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.