ٽنڊو باگو مان کنڀي گم ڪيل ڊاڪٽر آيت الله جروار بازياب

ٽنڊوباگو ( ت ر )  ٽنڊي باگي مان کنڀي گم ڪيل وٽنري ڊاڪٽرآيت الله جروارگذريل رات ڊرامائي  بازياب ٿي گهر پهچي ويو. ڊاڪٽرآيت الله جروار جي گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾خوشي ڇائنجي وئي، جڏهن ته بازياب ٿيل ڊاڪٽرصحافين کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي.

سياري ۾ آنن ۽ ڪڪڙ جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿيندي: پولٽري ايسوسيئيشن

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن چيو آهي ته سياري ۾ آنن ۽ مرغي جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿيندي. ترجمان پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن معروف صديقي ٻڌايو ته ڪورونا ۽ برسات سبب 50 لک چوزا ختم ڪرڻ سان مرغي جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي، ڪورونا کانپوءِ شادي هال، ريسٽورنٽ به کلي ويا، جنهن سبب طلب ۽ رسد ۾ فرق آيو آهي، آنا، مرغي مهانگي ٿي پر اڳتي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي. هن چيو ته 80 لک مرغين ۽ ساليانو 187 ارب آنن جي پيداوار ٿيندي آهي پر گذريل ٻن سالن دوران فارمز کي بدترين نقصان ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.