ريپ ڪيس وڌن پيا، پوليس قبضا گروپ بڻجي وئي آهي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور ( بيورو+  م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ چيف جسٽس  لاهور هاءِ ڪورٽ  چيو  آهي ته  شهر ۾ تيزي سان ريپ ڪيس وڌي رهيا آهن. اشتهاري آزاد گهمي رهيا آهن پوليس امن امان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ قاسم خان چيو ته پوليس وارا هن ملڪ ۾ قبضه گروپ جو ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن پوليس قبضه گروپ بڻجي وڃي ته اهڙي صورتحال ٿي ويندي آهي. آءِ جي پنجاب حلف نامو جمع ڪرائي. آءِ جي پنجاب عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته اسان اڄ تائين ڪڏهن به هنن کي قبضو ناهي ڏنو. وفاقي يا صوبائي حڪومت جي زمين کي اسان ٽرانسفر ڪرڻ جي اٿارٽي ناهيون. هڪ سب انسپيڪٽر اهو ڪم نٿو ڪري سگهي.عدالت آءِ جي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ 72 ڪئنال زمين فوري طور تي واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته اسپيشل برانچ وارا درخواست ڏيندڙن کي تنگ ڪري رهيا آهن. روڊ اوهان کان سنڀاليا نٿا وڃن. ريپ ٿي رهيا آهن، اشتهاري گهمي رهيا آهن.  هن ملڪ جو ڇا ٿيندو. امن امان پوليس تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اوهان جا 30 سيڪڙو آفيسر مافيا سان ملي پلاتن تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هاڻ پوليس کاتي به اهو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. هن ملڪ ۾ پوليس جي انڌير نگري آهي. آءِ جي چيو ته هي وفاقي حڪومت جي نه پر ٽرسٽ جي زمين آهي.چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ چيو ته مون کي اهو ٻڌايو ته پوليس قبضو ڪهڙي طرح ڪيو آهي. مان اوهان جون ورديون  لهرائي واپس موڪليندس.  عدالت هن ڪيس کي آءِ پنجاب جي مقرري واري ڪيس سان جوڙڻ جي هدايت ڪندي درخواست ڏيندڙ وڪيل کي چيو ته شڪر ڪريو پوليس اوهان کي ڳجهي طريقي سان جيل ۾ ناهي وڌو.عابد ملهي  به هنن کان ڪافي ڏينهن گذرڻ کان پوءِ گرفتار ٿيو، جڏهن هو گرفتار ٿئي ٿو ته پنجاهه لک انعام جو اعلان ڪري ڇڏيندا آهن. هي حڪومت ته پوليس جي مددگار بڻجي سگهي ٿي پر عدالت نه. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.