آئيلينڊ اٿارٽي غيرقانوني، وفاق کي اشتهار کان روڪيو وڃي: قيصر بنگالي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ آئيلينڊ اٿارٽي خلاف معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي جي اسٽي آرڊر واري درخواست رد ڪري ڇڏي  آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جڏهن ٻه رڪني بئنچ اسٽي آرڊ جاري نه ڪيو آهي ته اسان ڪهڙي طرح ڪري سگهون ٿا.عدالت ۾ درخواست گذار قيصر بنگالي جي وڪيل چيو ته اڄ (15آڪٽوبر)تي آئيلينڊ اٿارٽي حوالي سان وفاق اشتهار شايع ڪري رهيو آهي. اسان جي عدالت کان درخواست آهي ته جيستائين درخواست تي فيصلو نٿو ٿئي، وفاقي حڪومت کي اشتهار ڏيڻ کان روڪيو وڃي .عدالت ۾ ايڊيشنل اتارني جنرل آف پاڪستان ڪاشف پراچه چيو آهي ته صدارتي ريفرنس جي خلاف پهرين هڪ آئيني درخواست داخل آهي هڪ معاملي تي آئيني درخواست ۽ سوٽ داخل نٿو ٿي سگهي .ايڊيشنل اٿارني جنرل چيو ته  وفاقي حڪومت کي 23 آڪتوبر تي درخواست تي  جواب جمع ڪرائڻو آهي. ڊاڪٽر قيصربنگالي سول سوٽ داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته آئين جي موجب ٻيٽن تي سنڌ حڪومت جو حق آهي. پاڪستان آئيلينڊ ڊوپليمنٽ آرڊيننس آئين جي خلاف آهي جنهن سان ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.