ٺري ميرواهه: المرتضى وين حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن جو احتجاج

ٺري ميرواهه ۾ المرتضى وين حادثي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن پاران مهراڻ هاء وي تي احتجاج ڪيو ، حادثي جو شڪار ٿيل ماڻهن پاران المرتضيٰ وين جو گهيراءُ ڪيو ويو ، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندن چوڻ هو ته ته المرتضى وين سروس سهولت بجاءِ جان جي  دشمن بڻجي وئي آهي، ان جا ڊرائيور گاڏي ۾ ويٺل ماڻهن کي ڪابه سهولت نه ٿا ڏين، ٺري ميرواهه کان هر پنجن منٽن کانپوءِ گاڏي  سروس جي سهولت آهي جنهن ۾ هو پنهنجي مقابلي ۾ ويٺل پسينجرن کي موت جي منهن ۾ وجهي ٿا ڇڏين، هنن مطالبو ڪيو ته المرتضى وين سروس جي مالڪ مٿان فوري طور قانوني ڪاروائي ڪري انساني جانيون ضايع  ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪئي وڃي ۽ نااهل ڊرائيورن کي فوري طور نيڪالي ڏئي اهل ۽ ذميوار ڊرائيور مقرر ڪيا وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.