کپرو: نينگري سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارجي ضمانت رد

کپرو جي ايڊيشنل سيشن جج عنايت الله ڀٽو جي ڪورٽ  2 مھينا اڳ کپرو جي ياسين خان گھٽي جي رھواسي جھامن لوھاڻو جي پنج ورھين جي معصوم نينگري لڇمي کي ورغلائي جاءِ ۾ وٺي زيادتي جي ڪوشش ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار جوابدار الھرکيو جٽ جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جوابدار جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.جنهن کانپوءِ جوابدار کي جيل حوالي ڪيو ويو،  حيدرآباد بار جي صدر تاج محمد ڪيريو. ايڊووڪيٽ پيرل مجيداڻو. ايڊووڪيٽ اعجاز راڄڙ ء. ايڊووڪيٽ ٽينئون مل معصوم نينگري جي ڪيس جي بنا معاوضي قانوني مدد  ۽ پيروي ڪئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.