خيرپور: پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيزونگ سکر ڊويزن جو اجلاس

پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيزونگ سکر ڊويزن جو اجلاس پ پ پ ليڊيزونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو جي صدارت هيٺ ڀٽو هائوس خيرپور تي ٿيو، جنهن ۾  18  آڪٽوبر تي ڪارساز سانحي  ڪراچي واري جلسي کي ڪامياب ڪرائڻ ۽ ڀرپور شرڪت جو وچن ڪيو ويو ، اجلاس  ۾ پ پ پ ليڊيزونگ سکر ڊويزن جي صدر ايم پي اي غزاله سيال ,پ پ پ ليڊيزونگ ضلعي خيرپور جي صدر ايڊووڪيٽ زينب بلوچ,سکر ضلعي جي صدر قمر النساء ڦلپوٽو,گهوٽڪي ضلعي جي صدر شبنم ڀٽو ۽ ضلعن جي مختلف جنرل سيڪريٽريز,انفار ميشن سيڪريٽز ۽ عهديدار عورتن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيزونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو ته اسان پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيزونگ جي صدر ايم پي اي ادي فريال ٽالپور جي هدايتن تي 18 آڪٽوبر ڪراچي واري پي ڊي ايم جي جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاء اجلاس گهرايو آھي جلسي ۾  جياليون ڀرپور شرڪت ڪنديون ۽ اهو نيازي حڪومت کي پيغام ڏيڻو آھي ته ملڪ جو عوام کانئس بيزار ٿي چڪو آھي کين گهر موڪلي پوء سک جو ساھ کڻبو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.