فيس بڪ ميسنجر جي شڪل هڪ ڀيرو وري تبديل

فيس بڪ 2018 ۾ ميسينجر کي مڪمل ري ڊزائين ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته ايپ کي سادو بڻايو ويندو ته جيئن فيچرز جي ڀرمار واهپيدارن کي پريشان نه ڪري سگھي.

اهو اعلان ان وقت ميسينجر جي سربراهه ڊيوڊ مارڪوس ڪيو هو جيڪو هاڻ فيس بڪ جي بلاڪ چين ڊويزن جو سربراهه آهي، جڏهن ته ميسينجر کي اسٽان چوڊنووسڪي سنڀالي رهيو آهي.

ان کان پوءِ ان تي ڪم جاري آهي ۽ هلندڙ سال مارچ ۾ ٿيل ايپ کي واهپيدارن متعارف ڪرايو ويو جنهن ۾ ڊسڪور ٽيب کي ڪڍيو ويو هو.

هاڻ فيس بڪ ميسينجر جي شڪل کي هڪ ڀيرو وري تبديل ڪري رهيو آهي ۽ ان ري ڊزائين ورجن کي ايپ ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي.

ان ڊزائين ۾ اڳ کان وڌيڪ روشن لوگو، نئين ڊفالٽ چيٽ ڪلر، واڌ چيٽ ٿيمز ۽ ڪاسٽيوم ري ايڪشنز جي واڌ ڪئي وئي آهي.

فيس بڪ هڪ بلاڪ ۾ ٻڌايو ته نئين ڊزائين ميسيجنگ جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا اڳ کان وڌيڪ ڊائنامڪ، پر تفريح ۽ پنهنجي پسنديده ماڻهن سان رابطي جو ذريعو ثابت ٿيندي.

ان ري ڊزائين جو هڪ لانچ ٽريلر به جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ڪجه فيچرز جهڙوڪ واچ ٽو گيدر، ويونگ پارٽيز ۽ ڊارڪ موڊ کي ڏٺو ويو.

ان وڊيو ۾ انسٽاگرام واهيپدارن سان ڪراس ايپ چيٽنگ کي به اسپتاٽ لائيٽ ڪيو ويو آهي ۽ اهو فيچر جلد ماڻهن کي دستياب هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.