مٺن پاڻين تان قبضا ختم ڪرايا وڃن

سانگهڙ (رپورٽ : ھدايت الله لغاري )  پاڪستان فشرفوڪ فورم پاران سانگھڙ پريس ڪلب ۾ مزاڪرو منعقد ڪيو ويو، جنهن کي فشرفوڪ فورم جي وائيس  چيئرمين مصطفه ميراڻي ، رمضان ملاح، عمر ملاح، رسول بخش ملاح ، ايوب ملاح ۽ ماهيگيرن جي نمائندن, توڙي سول سوسائٽي جي ڪارڪنن خطاب ڪيو .    مٺا پاڻي هن وقت به غير قانوني طور شرڪت ڪندڙن ٻڌايو ته ٺيڪيداري نظام ختم ٿيڻ باوجود سياسي ماڻهن ,ڪامورن ۽ مقامي بااثر ماڻهن جي قبضن هيٺ آهن اهڙي صورتحال انسان جي بنيادي حقن جڏهن ته ، معاشي سماجي ۽ ثقافتي حقن جي ڀڃڪڙي طرف اشارو ڪري ٿي ، ۽ ٻين مختلف معاشي حقن اهي حق عالمي طور تسليم ٿيل آهن .تاريخي طور تي هي ماهيگير صدين کان انهن مٺن پاڻين مان مڇي ماري پنهنجو گذر سفر ڪندا اچن ٿا پر هن وقت انهن ماهيگيرن کي لائسنس هجڻ جي باوجود به اهي بااثر ماڻهو زبردستي ماهيگيري نٿا ڪرڻ ڏين  ضلع سطع جي هن مزاڪري جو مقصد مختلف ساڃاه وند ماڻهن کي آگاه ڪرڻو آهي ته ڪيئن قبضامافيا مٺن پاڻين ۽ زمين تي قبضاگيري وسيلي منعافو ڪمائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.

وائيس چيئرمين پي ايف ايف چيو ته موجوده قبضاگيري واري صورتحال انساني حقن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.جيئڻ جي حق جي خلاف ورزي سندن روزگار تي ڪيترا ئي اگرا نتيجا ڇڏيا آهن .اهڙي صورتحال ڪو تڪڙو عمل گهري ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.