لاڙڪاڻي ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي، اڏاوتون پٽ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ جي ٽيم هيوي مشينري سان شهر جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميونسپل اسٽيڊيم ڀرسان حددخلين خلاف ڪاروائي ڪندي ٽن دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو جنهن دوران دڪاندارن پاران اينٽي انڪروچمينٽ جي عملدارن کي ايلاز منٿون ڪيون ويون پر انهن دڪاندارن جي هڪ به نه ٻڌي. ان حوالي سان لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو ٻڌايو ته اسٽيڊيم ڀرسان ميونسپل ڪارپوريشن جي ملڪيت جا 15 دڪان آهن حددخلين جي ڪري روڊ جي ٻنهي پاسي ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي رهي هئي ان دوران دڪاندارن کي ڪيترائي ڀيرا نوٽيس جاري ڪرڻ سان گڏ حددخليون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر انهن عمل نه ڪيو جنهن ڪري اڄ اهڙي ڪاروائي ڪئي آهي جيڪي مستقبل ۾ به جاري رهنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.