انسان دوست ماڻهو ئي عظيم هجي ٿو: شير مهراڻي

گلشن اقبال (ن ع آ) ملير نيشنل پريس ڪلب پاران سماجي خدمتگارن خالد ٻگهئي ۽ امير علي ديناري سان گلستان جوهر جي ثقافتي هوٽل اوطاق تي سرهي شام ملهائي وئي جنهن ۾ سماجي ڪارڪنن،سياسي ڌرين،صحافين ۽ استادن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته بي پهچ ماڻهن جي سماجي خدمت هڪ ڏکيو شعبو آهي اهڙي شعبي ۾ خالد ٻگهئي ۽ امير ديناري پاران پاڻ ملهائڻ تي جس ڏيون ٿا ۽ انسانيت سڀ کان اولين آهي ان ڪري انسان دوست ماڻهو ئي عظيم هجي ٿو عوامي سٿ جي سربراهه ڍٻائي مهر چيو ته سنڌ کي گهڻ طرفا خطرا آهن هن ڌرتي جو عوام مسئلن ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ماڻهن جي رليف جا سرڪاري ادارا سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن سنڌ کي بي لوث سماجي ڪردارن جي ضرورت آهي جيڪي ڏکئي وقت انسانن جي سار لهن خادمين سنڌ جي سربراهه ارشد عباسي چيو ته خادمين سدائين سماجي ڪم ڪندڙ ادارن توڙي ماڻهن جي ٻانهن ٻيلي رهي اسان جو ادارو ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاء هر وقت ڪوشان آهي خالد ٻگهيو امير ديناري کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي خدمت لاء زندگيون ارپيون آهن. ع ج پ اڳواڻ لال محمد چانڊيو،گسٽا اڳواڻ سليمان آگري ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته صحت هڪ اهم شعبو آهي اڄ جا صاحب رهاڻ ان شعبي ۾ ڀرپور خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن هنن ايمبولنسون توڙي بلڊ بئنڪ قائم ڪري مثالي ڪم ڪيو آهي .

سنڌ سماجي سيواڪارن تي ناز ڪري ٿي ان موقعي تي رياض حسين کيمٽئي،نبي بخش خاصخيلي،اعجاز چانڊيي پڻ ڀيٽا پيش ڪئي ۽ آخر ۾ ملير نيشنل پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري غوث ٻگهئي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ اجرڪ توڙي گلن جا تحفا پيش ڪيا ۽ آخر ۾ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.