18 آڪٽوبر تي ٽنڊي محمد خان مان سوين گاڏين جو قافلو ڪراچي پهچندو: مير حسن ملاح

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر) 18 آڪٽوبر تي ضلعي ٽنڊومحمدخان مان سون گاڏين جو قافلو ڪارساز تي پهچندو پ پ جي هن جلسي کانپوءٌ عمران حڪومت جي خاتمو ثابت ڪندو .  وفاق حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪري سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي امانت آهن ، جنهن ۾ ڪا به خيانت ڪرڻ نه ڏينداسين ، اهڙن خيالن جو اظهار پ پ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر مير حسن ملاح ، حارث صبحپوٽو ، عبدالحڪيم دستي ، سجاد منڌرو ، گل هاليپوٽو ۽ ٻين پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو ، هنن چيو ته 18 آڪٽوبر ڪارساز سانحو ملهائڻ لاءِ پ  پ ضلعي ٽنڊو محمد خان طرفان تربيتي پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن.  ، سون جي تعداد ۾ قافلا جلسي ۾ شرڪت ڪندا ، حڪومت خلاف هي جلسو هڪ عوامي سمنڊ ثابت ٿيندو ، وفاقي حڪومت سياسي مخالفن کي حراسان ڪرڻ لاءِ نيب کي استعمال ڪري رهي آهي ، هنن چيو ته عمران حڪومت خلاف پ پ ۽ مخالف هلچل جا احتجاجي جلسا رنگ لاهيندا ، نيازي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن کيس بني گالا ۾ آرام به نصيب نه ٿيندو ،  ترقي ۽ تبديلي جو نعرو هڻندڙ عمران ملڪ ۽ عوام جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي ، روز مرھ جي کاڌي پيتي جي شين ، دوائن ، بجلي جي اگهن ۾ واڌ سبب عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويئي آهي ، جنهن سبب حڪومت جو خاتمو ممڪمن ٿي ويو آهي ، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چمڪندڙ چنڊ جيان ملڪ جو وزيراعظم ٿي ملڪ جون واڳون سنڀالي شهيد راڻي جي مشن کي پورو ڪندو.

ڏوڪري جي صحافي جو بيمار پڦاٽ لاڏاڻو ڪري ويو

ڏوڪري (ن ع آ) ڏوڪري جي صحافي اختيار جروار جو پڦاٽ بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شهرين وڏي انگ شرڪت ڪئي، تفصيل موجب ڏوڪري جي صحافي اختيار جروار جو پڦاٽ ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ بابل جروار جو رهواسي غلام نبي عرف فوٽو جروار بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو .مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شهرين وڏي انگ شرڪت ڪئي مرحوم کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.هوڏانهن ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين ايم رمضان جوڻيجو، قاضي آفتاب ،فدا حسين ابڙو، اسد ٻگهيو ،ديدار سومرو ،قاضي فريد ،اصغر ميمڻ ،امداد ٻگهيو، فيصل ابڙو ۽ ٻين صحافي اختيار جروار سان سندس پڦاٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

اوٻاوڙي ڀرسان پوليس جا مختلف هنڌن تي ڇاپا، جوابدار گرفتار، ٺرو هٿ

اوٻاوڙو (ن ع آ) اوٻاوڙو ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي سخت ھدايتن تي روپوش  اشتھاري ۽ ٻين ڏوهارين خلاف اوٻاوڙو پوليس ۽ رونتي پوليس جون ڪاروايون. رانوتي پوليس گشت دوران ھڪ ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي گناھ نمبر 04/2018 قلم 365B ت پ جي ڪيس ۾ ھڪ اشتھاري جوابدار محمد نواز ولد مانجھي خان شيخ ويٺل ڳوٺ محمد پور جي رھواسي کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو  . ۽ ٻئي ھنڌ اٻاوڙو پوليس چيڪنگ دوران  ڪاروائي ڪندي ھڪ جوابدار غلام مصطفي ولد عبداللطيف چاچڙ  کي 4 بوتلون ڪچي شراب/ٺھرو سميت گرفتار ڪري ورتو پوليس گرفتار ڪيل جوابدار کي اوٻاوڙو ٿاڻي تي کڻي آئي ۽ سندس خلاف گناھ نمبر 136/2020 قلم 3/4 منشيات ايڪٽ  تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.