راڄوخاناڻي کان حيدرآباد ويندڙ بس ۾ ويٺل مسافر فوت

راڄوخاناڻي (ن ع آ) راڄوخاناڻي کان حيدرآباد ويندڙ مسافر بس ۾ ھڪ مسافر اوچتو بيھوش ٿي ويو، جنھن کي مسافرن رورل  ھيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي پھچايو، جتي پھچڻ کان اڳ نامعلوم مسافر فوت ٿي چڪو هو، فوتي جي کيسي مان هٿ آيل سڃاڻپ ڪارڊ تي نالو ملڪ محمد صديق ولد ملڪ خيرالدين لکيل ھو جڏھن ته رھائش واري ايڊريس ۾ حيدرآباد جو پريٽ آباد وارو علائقو درج ٿيل آھي. اطلاع  تي راڄوخاناڻي پوليس پھچي لاش پنھجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. راڄوخاناڻي پوليس پاران فوتي جي وارثن سان رابطو ڪيو ويو. جنھن بعد وارث رورل ھليٿ سنيٽر راڄوخاناڻي پھچي ويا وارثن ۾ فوتي جا 3 پٽ جنھن ۾ ملڪ جميل ملڪ جاويد ملڪ شڪيل شامل آھن ميڊيا سان ڳالھائيندي فوتي جي وڏي پٽ ملڪ شڪيل ٻڌايو ته اسان جي والد کي دل جي تڪليف ھئي جنھن کي ھن کان اڳ 2 چڪر دل جو ايٽڪ ٿي چڪا آھن اسان ڪنھن قسم جي ڪارروائي نٿا ڪرائڻ چاھيون جنھن بعد راڄوخاناڻي پوليس لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.