بدين مان 10 ڪلو چرس ۽ 45 ليٽر ديسي شراب هٿ

بدين /ٽنڊو غلام علي (ن ع آ)ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺار جي ھدايتن تي ايس ايڇ او ٽنڊي غلام علي اسٽاف سميت ٽنڊي غلام علي-گلاب لغاري روڊ تي گشت دوران مھراڻ ڪارجي تلاشي ورتي ته 10  ڪلو 2200 گرام چرس ھٿ آيو ، ڪار ۾ سوار ٻن ڊيلرن عرفان علي عمراڻي ۽ شاڪر علي ڏاھري ويٺل شهدادپور کي پوليس لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي ايس ايڇ او ڏيئي سب انسپيڪٽر بشير احمد چانڊيو مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي منشيات فروش جاويد گھراڻو ۽ مرزا خان کي گرفتار ڪري 45 ليٽر ديسي شراب ھٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.