جوهي ۾ معصوم ڀاءُ ۽ ڀيڻ ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت

جوهي (ن ع آ) جوهي ۾ نئين ڪالوني وٽ پورهيت وزير ٿهيم جي 8 سالن جي نياڻي بينظير ۽ 4 سالن جو پٽ شمن ٿهيم ٽريڪٽر ٽرالي  هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. معصوم ڀاءُ ڀيڻ جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام  مچي ويو، سندن امڙ کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا. هوڏانهن حادثي بعد ڊرائيور ٽريڪٽر ٽرالي سميت فرار ٿي ويو، جڏهن ته معصوم ڀاءُ ۽ ڀيڻ جا لاش هڪ ڪلاڪ تائين اسپتال پيا رهيا معصومن جي امڙ تعلقه اسپتال جوهي ۾ رڙيون ڪوڪون ڪندي رهي. اهڙي واقعي تي سڄو جوهي شھر غم ۾ وٺجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.