عاصم باجوده سي پيڪ اٿارٽي ۾ ڪيئن ٿو رهي سگهي؟مصطفيٰ نواز

اسلام آباد ( م ڊ ) پيپلزپارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جَي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر احتساب جَي عمل تي سوال اٿاريندي  چيو آهي ته جيڪو شخص خاص معاون لاءِ ٺيڪ ناهي ته اهو سي پيڪ جهڙي اهم اٿارٽيءَ کي ڪيئن ٿو هلائي سگهي؟ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته اخبارن ۾ هڪ خبر زينت بڻيل آهي، ڪابينا جي اهم ميمبر استعيفيٰ ڏني ۽ وزيراعظم سندس استعيفيٰ به منظورڪئي، اسان اهو سوال ڪرڻ چاهيون ٿا ته جنهن شخص استعيفيٰ ڏني، اهو اهم عهدي تي ڪيئن ٿو ڪم ڪري سگهي.؟ عوام آڏو لالي پاپ اڇلايو ويو ته استعيفيٰ منظور ڪئي وئي، ڪهڙي بنيادن تي منظور ٿي اها ڪارڻ ناهن ٻڌايا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.