ڄام صاحب: آصف زرداري جي صحتيابي صدقو ،وڏي ڄمار لاءِ دعا گهري وئي

ڄام صاحب ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صحتيابي لاءِ درگاھ سخي ڄام ڏاتار تي ٻڪر ڪهي صدقو ڪڍيو ويو  ۽ سندس وڏي ڄمار لاءِ دعا گهري وئي

پ پ اڳواڻ اڳوڻو صوبائي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاھري ڄام صاحب پهچي  درگاھ سخي ڄام ڏاتار  تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي،

ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي طبيعت جي صحتيابي لاءِ دعا پڻ گھري ۽ 3 ٻڪرن  جو صدقو ڏنو ، ميڊيا سان ڳالهائيندي اسماعيل ڏاهري چيو ته  اڳوڻو صدر  آصف علي زرداري ھن درگاھ جو مريد آھي کيس سدائين ھن درگاھ تان فيض ملندو آھي،اڄ  به ﷲ جي ھن ولي آڏو دعاڳو آھيون .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.