ڪارڪنن کي هراسان ڪيو پيو وڃي: راڻا ثناءُ الله

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هيءَ حڪومت يوٽرن ماسٽر آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، هڪ به پراجيڪٽ اڃا تائين شروع نه ٿي سگهيو، 16 آڪٽوبر تي عوامي ريفرنڊم ٿيندو.

هن چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، اسان آئين اندر رهي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، جمهوريت مضبوط ڪنداسين ۽ ڪو اهڙو قدم نه کڻنداسين، جنهن سان معاملا خراب ٿين.

سندس چوڻ هو ته اسان سدائين پرامن رهياسين ۽ رهنداسين، هيءَ حڪومت يوٽرن ماسٽر آهي، هاڻ عوام کي به خبر پئجي وئي آهي ته اهي رڳو زباني ڳالهيون ڪندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.