ريتي ۾ پوليس اهلڪارن جون بااثر خلاف دانهون

ريتي (ن ع آ) ريتي ۾ پوليس اهلڪار ثناءُ الله چاچڙ ميڊيا کي دانهيندي چيو ته ڪجهھ عرصو پهرين حق نواز ڀٽو جي هوٽل تي هلندڙ سنوڪر گيم تي  ايس ايڇ او رونتي ڇاپو هڻي جوارين کي گرفتار ڪيو هيو ان کان بعد حق نواز ڀٽو مون تي ڪوڙا الزام هيان ته اسان تي تون ڇاپو هڻايو آهي ۽ منهنجي پٽ جو موبائيل ۽ ڪجهھ روڪ رقم تو وٽ آھن جڏهن ته نه هي مون وٽ  ان جو موبائيل آهي ۽ نه ئي هنن جي روڪ رقم  ان کان پوء مون تي ڪورٽ سڳوري ۾  ڪوڙي پٽيشن به داخل ڪرائي وئي پر آئون سچو هيس ۽ اها پٽيشن به منھنجي حق ۾ خارج ٿي وئي ان کان بعد ڪو مسئلو ٿيو ان ايف آئي آر ۾ هن جو نالو آيو آئون ان ڏينھن ڇٽي تي هيس ۽ ڪراچي ويل هيس ان جي باوجود هن  ڪجھ ماڻھن جي سامهون مون کي ڌمڪيون ڏيندي چيائين اهو سڀ ڪجھ تون ڪرائين ٿو تو کي ڏسي رهندس. آئون پنھنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ڪيان پيو هي مون کي بار بار اجايو پريشان پيو ڪري. آئون آئي جي سنڌ. ڊي آئي جي، ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او صاحبان کي درخواست ٿو ڪريان ته وقت سر ايڪشن وٺي منهنجي هن مان جان آجي ڪرائي وڃي.  ٻي صورت ۾ مون کي ڪوبه نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار حق نواز ڀٽو هوندو.

ڍورونارو ۾يوٽيلٽي اسٽور تي عام واهپي جون شيون اڻلڀ

 

ڍورونارو(ن ع آ )   ڍورونارو يوٽيلٽي اسٽور تي گذريل ھڪ مھيني کان روز مرھ جون شيون  اٽو ،کنڊ ۽ گيھ ۽ ٻيو سامان اڻ لڀ عام ماڻهو ۽ غريب شهري پريشان، خالي چڪر ڪاٽڻ تي مجبور ان سلسلي ۾ خان محمد، امان الله چانهيون حنيف ساند، سروڻ ڪمار ، نارو مل، سليم راجپوت ، واشو ڀيل، سومار ڀيل۽ پنهون اوڏ عوامي آواز اخبار سان ڳالھ ٻولهه ڪندي چيو آهي ته اسان گذريل هڪ مهيني کان ڍورونارو جي  يوٽيلٽي اسٽور تي چڪر هڻي رهيا آھيون پر هن اسٽور تي اسان کي پنهنجي روز مرہ جي ڪابه شيء ملي نٿي، هنن يوٽيلٽي اسٽور جي انچارج ڀمرو مل تي الزام هڻندي چيو ته هن اسٽور جو انچارج، کاڌي پيتي جو سمورو سامان شهر جي وڏن دڪانن تي ڳري قيمت تي دڪاندارن کي وڪرو ڪري پاڻ ٻاهران منافو ڪمائي رهيو آهي ۽ مسڪينن سان ويساهه گهاتي ڪري رهيو آهي. ۽ اسان روز دربدر ٿي خالي چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، غريب ماڻهن کي هن کاڌي پيتي جي اسٽور مان ڪو به فائدو ڪونهي، هنن چيو ته يوٽيلٽي اسٽور وارو ساڳيو سامان اسان شهر جي ٻين دڪانن تان بليڪ تي وٺڻ تي مجبور آهيون،   ھنن اعلي اختيارن ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڍورونارو يوٽيلٽي اسٽور جي بحران جو نوٽيس وٺي اسان غريبن کي رليف ڏياريو وڃي ….

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.