فريد آباد ۾ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون، احتجاج

فريدآباد ( ن ع آ  ) فريدآباد لڳ ڳوٺ مٿين اکڪڍائي ۾ بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ سالن کان زبون حال بڻيل،جنهن ۾ 137 گلڙن جهڙا ٻارڙا کلي آسمان هيٺ  تعليم پرائڻ تي مجبور آھن، هوڏانهن ڳوٺ مٿئين اکڪڍائي جي رهواسين ۽ سماجي اڳواڻن ارشاداحمدڪرٽيو، فقيررستم چانڊيو، نظيرحسين ميهر،علي چانڊيو ۽ راحب علي چانڊيو چيو ته ڳوٺ ۾ بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حال بڻجي وئي آھي، ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهن، جنهن ڪري ٻارڙا کلي آسمان هيٺ تعليم پرائي رهيا آھن، ڪاڇي ۾تيل گئس ڪمپني اربين ۽ ڪرڙين روپيا ڪمائي رهي آھي پر تعليم تي خرچ نه ٿيو ڪن، وڏو وزير ۽ تعليم وارو صوبائي وزير نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.