نيب احتساب نه انتقام ڪري رهي آهي:آفتاب سومرو

پنوعاقل (ن ع آ)نيب سميت ڪجھه ملڪي ادارا ٿاپيل وزير اعظم عمران نيازي جي وانگار وھندي انتقامي ڪارروائي ڪري رھيا آھن،ملڪ ۾ تبديلي جو نعرو ھڻي غريب ماڻھن جي ڳالھ ڪندڙ عمران نيازي جي 2 سال واري حڪومتي دور ۾ مھانگھائي،بد امني بي روزگاري سبب عوام خدڪشيون ڪري رھيا آھن،ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي جي ھوندي وانگارو ڪامورا ايترو ظلم  ۽ ذيادتي ڪن جو سڀاڻي ھو پاڻ به برداش ڪري سگھن،اھڙو اظھار پيپلز پارٽي جي صوبائي اڳواڻ ڊاڪٽر آفتاب حسين سومرو،پ پ پ يوٿ ضلعي سکر جي صدر اياز ٻرڙو،پ پ پ اڳواڻ حاجي وزير احمد پتافي،عبدالقدوس سومرو،ضلعي نائب صدر ممتاز مھر ۽ ٻين ھتي مھراڻ ھوٽل تي  پ پ پ يوٿ جي تعلقه صدرراجا ڀٽو پاران رکيل  پ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 32 سالگراھ تقريب ۾ ڪارڪنن سان ڳالھائيندي ڪئي. ،اڳواڻن  چيو ته ملڪ جي ٺھڻ جو مقصد ھتي غريب ماڻھن کي انصاف روزي امن ۽ سلامتي ڏيڻ آھي،پر ڪجھ قوتون من پسند سياسي ماڻھن کي گڏو ڪري پيش ڪرڻ بعد ملڪ جو حاڪم بڻايو وڃي ٿو،۽ انھن ماڻھن جو ملڪ ۽ عوام سان ڪو به واسطو نه آھي،ڪيڪ تقريب ۾ ڪامريڊ مجيب الرحمان ڀٽو،رفيق انڍڙ،مجيب عباسي،محبوب ڀٽي،عبدالقادر ٻرڙو،آصف عباسي،عبدالرحمان ڀٽو،ارشاد سومرو،عابد انڍڙ،محمد ياسين انڍڙ،اصغر سمون،گلشير مھر،فواد سومرو،اين ڊي چاچڙ،ناصر ڀٽو،ايران سميجو سميت پ پ پ يوٿ ونگ سکر ۽ گھوٽڪي ضلعن جي مڙني عھديدارن شرڪت ڪئي،بلاول ڀٽو زرداري جو سالگراھ وارو ڪيڪ ڪاٽي ڪارڪنن ۾ ورھايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.