ڪلوئي ۽ ڀرپاسي چوري جون وارداتون وڌي ويو، رهواسين جو ننڊون حرام

ڪلوئي (ن ع آ) ڪلوئي شهر سميت آس پاس جي علائقن ۾ چور سرگرم ٿي ويا جنهن سبب ڀاڳين جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن /ڏسو صفحو 2 ڪالم 2اتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور بڻيل ڪجهه ڪجهه ڏينهن اندر عبدالعزیز جي سي ڊي موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ بعد ۽ عبدالرزاق جون ٻه ٻڪريون اميد علي لنڊ جو هڪ ٻڪر ۽ غازي لنڊ جي ٻن ٻڪرين جي چوري سميت سماجي براين توڙي منشيات جي واهپي ۾ شديد اضافو ٿي ويو آهي جنهن سبب رهواسي سخت مشڪلاتن جو شڪار بڻجي ويا آهن. ان ڏس ۾ مولوي محمد رمضان لنڊ غازي لنڊ اميد علي ۽ ٻين دانهيو ته علائقي ۾ ڏوهن ۽ سماجي براين ۾ واڌ سبب اسان راتيون جاڳي ڪٽڻ تي مجبور بڻيل آهيون علائقي ۾ ڪچو شراب ۽ ٻيون نشي آور شيون سري عام هلڻ سبب موالين رهواسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي جيڪي رات جي وقت نشا ڪري ماڻهن جي رستا روڪ ڪري کين پريشان ڪندا رهن ٿا هنن اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.