عورتن جي حقن واري قانون تي عمل ناهي ٿيو:ڀرمي ڪولهي

جهڏو(ن ع آ )  سنڌ ڪولهي اتحاد ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ڀرمي ڪولهي چيو آهي ته سنڌ ۾ عورتن جي حقن لاءِ جوڙيل قانون تي /ڏسو صفحو 2 ڪالم 3عمل درآمد نه پيو ٿئي، تنهڪري هن اهم مسئلي تي عورت تنظيمن کي اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سنڌ ۾ گهٽ ڄمار واري هندو ڇوڪرين جو جبري مذهب تبديل ڪري هنن سان شادي ڪرڻ ڌرتيءَ ڌڻين کي پنهنجي تاريخي وطن سنڌ مان لڏائڻ جي سازش آهي،هن چيو ته حڪومتي نااهلي جي ڪري هن جديد دور ۾ هڪ طرف عورتون ڪارو ڪاري، ۽ سڱ چٽي، جهڙي ڪڌي رسمن جي ور چڙهيل آهن، ته ٻئي پاسي نوجوان نياڻيون جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿي رهيون آهن.، پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ عورت جي حقن لاءِ قانون ته جوڙيا ويا آهن پر ڪرپشن، سياسي سسٽم ۽ وڏيرا شاهي نظام جي ڪري هن قانون تي عمل درآمد نٿو ٿئي، حڪومت، انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ توڙي عورت تنظيمن جي خاموشي پڻ سواليه نشان بڻيل آهي، اسان سنڌ ڪولهي اتحاد جي پليٽ فارم تان عورتن جي حقن لاءِ عالمي سطح تي آواز اٿارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون سنڌ جون باشعور عورتون اڳتي وڌي اسان جو ساٿ ڏين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.