ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ نه ڏبو

سيد زاهده صدف

سنڌ جو عوام وفاق کي خبردار ڪرڻ چاهي ٿو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ نه ڏبو ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ناڪام ڪبي،آئلينڊ اٿارٽي جو آرڊيننس جاري ڪري رياست اندر هڪ ٻي رياست قائم ڪئي پئي وڃي.سنڌ جو عوام خبردار ڪرڻ چاهي ٿو ته سنڌ جي وجود تي وار ڪرڻ ۽ پاڪستان تي وار ڪرڻ بند ڪريو،سنڌ جي شعور مختلف دورن ۾ سنڌ تي حملي آورن خلاف جنگ جاري رکي آهي سنڌ حڪومت کي عوامي، اخلاقي،قانوني اختيار ناهي ته اها سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري۔ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جي سازش گهڻي عرصي کان پئي هلي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل اها ڳالهھ واضح ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت وفاق کان مڪمل طور تي اين او سي ورتي  آهي  ته سامونڊي ٻيٽ جيڪي سنڌ صوبي جي عوام جي ملڪيت آهن انهن کي تقري ڏياري وڃي، ان جو مطلب آهي ته معاملو گهڻو اڳتي سفر ڪري چُڪو آهي.ان سفر ۾ پيپلزپارٽي به شريڪ سفر آهي۔

سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته اھو سفر يا ساٿ پيپلزپارٽي اڌ ۾ ڪيئن ڇڏيندي؟  بلاول ڀٽي سنڌ جا ٻيٽ ڦٻائيندڙ آرڊيننس کي ڀارتي قبضي سان تشبيهھ ته ڏيئي ڇڏي آهي ڏسڻو اھو آھي ته عملي طور تي پيپلزپارٽي ڪا مزاحمت ڪري ٿي يا سندس ان ٽويٽ جو انجام به اينٽ سي اينٽ واري بيان جھڙو ٿيندو.؟عملي طور تي پارٽي ڇا ٿي ڪري عوام کي اھو ڏسڻو آھي سامونڊي ٻيٽ جنھن صوبي ۾ آھن اھو ان صوبي جي ملڪيت آھن ته پوءِ وفاق ڪھڙي قانون تحت ۽ ڪھڙي اين او سي سنڌ حڪومت کان پاس ڪرائي ان کي ڊيولپ ڪرڻ چاھي ٿو؟  پاڪستاني آئين جو فقرو 172جنھن نموني چوي ٿو ته وفاق صوبي  ۾ ڪنھن به ملڪيت جو مالڪ ناھي ۽ نه ئي ان سلسلي ۾ ھو ڪا دعوا يا قانون سازي ڪري سگھي ٿو

(1) اھڙي ڪا به ملڪيت جنھن جو ڪوبه قانوني مالڪ ناھي ۽ اھا صوبائي علائقي ۾ موجود آھي ته اھا ان صوبي جي ملڪيت  ھوندي سنڌ جي ٻيٽن تي ڪاري قانون تحت قبضو ڪرڻ پاڪستاني آئين کي ٽوڙڻ جي ھٿ چراند آ. پاڪستان ۾ سياست جو لاڙو خطرناڪ ٿيندو ٿو وڃي حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنھي جي بيانن ۽ جملن سان ڪجھه ڳالھيون سامھون ٿيون اچن پھريون ته ان سڄي معاملي  ۾ عوام جو ذڪر ئي ناھي سنڌ دشمن منصوبا ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا تنھنڪري پنھنجا سياسي فيصلا درست ڪريو قومون پاڪستان ۾ شامل ان ڪري نه ٿيون ھيون جو انھن کان ڌرتي ڦري انھن جي وسيلن تي قابض ٿيو اھڙن فيصلن جا نتيجا ناڪاري نڪرنداپاڪستان جي آرٽيڪل 89 تحت صدر کي آرڊيننس ان وقت جاري ڪري گھرجي جڏھن سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو سيشن نه ٿيندو ھجي ۽ حالتون ايتريون ڳنڀير ھجن جو صدارتي آرڊيننس جو اچڻ ضروري ٿي پوي ڇا سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس نه پيا ٿين؟ ڇا ھن وقت ملڪ جون حالتون گنڀير آھن؟ جو صدارتي NJآرڊيننس اچڻ جي نوعيت ٿي وئي؟ ڇا پاڪستان ھن وقت جمھوري ملڪ آھي؟ افسوس ته پاڪستان ۾ حڪمرانن جڏھن به عوام دشمن منصوبا متعارف ڪرايا آهن انھن منصوبن کي ترقي جو نالو ڏنو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.