سوا مهينو اڳ کنڀيل وڪيل محب آزاد لغاري آزاد

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ڀرسان سوا مهينو اڳ کنڀي گم ڪيل هاءِ ڪورٽ جو وڪيل سنڌ سجاڳي فورم جو سيڪريٽري جنرل ايڊووڪيٽ  محب آزاد لغاري گذريل رات دير سان آزاد ٿي گهر پهچي ويو، وڪيل محب آزاد جي بازيابي تي سندس وارثن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇائنجي وئي، سندس موجب ته کيس حب چوڪي وٽ ڇڏيو ويو، جتان هو ڪار ذريعي گهر پهتو آهي. واضح رهي ته وڪيل محب آزاد کي 4 سيپٽمبر جي ڏينهن ڪورٽ ويندي ڳوٺ صاحب خان چانڊيو وٽان کنڀي گم ڪيو ويو هو، سندس بازيابي لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، وڪيل برادري ۽ سندس وارث مسلسل احتجاج ڪري رهيا هئا، سوا مهيني کان پوءِ کيس بلوچستان جي حب چوڪي ويجهو روڊ تي 10 هزار روپيا ڏئي ڇڏيو ويو، جتان هو ڪار ذريعي رات جو لڳ ڀڳ 4 وڳي ڌاري پنهنجي گهر پهچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.