نوابشاهه: 18آڪٽوبر ڪارساز سانحي جي ياد ۾جلسي لاءِ پ پ سنڌ جو اجلاس

18آڪٽوبر ڪارساز سانحي جي ياد ۾ ڪراچي ۾ رٿيل جلسي جي حوالي سان نوابشاهه پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي جي صدارت ۾ اجلاس ٿي گذريو اجلاس ۾ شھيد بينظير آباد ڊويزن جي ٽنھي ضلعن نوابشاهه، سانگهڙ ۽ نوشهرو فيروز جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ۽ سينيٽرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  اسان سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق حوالي نه ڪيو آهي، وفاقي حڪومت  ھاڻي  صوبن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، ھن چيو ته پھريان وفاق سنڌ جي ھڪ ٻن ٻيٽن جي ڳالهه ڪري ھاڻي سنڌ جي 3 سو ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي . ھن چيو ته وفاق کي سنڌ حڪومت سان ڳالھيون ڪرڻ گھرجن ھا پر وفاق زبردستي صدارتي آرڊيننس جاري ڪري سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، ھن چيو ته سنڌ ھميشه وفاق کي گھڻو ڪجھه ڏنو آهي پر وفاق سنڌ کان ھميشه کسيو آهي، ھن چيو ته اسان وفاق کي سنڌ کي وسيلن تي ڪڏهن به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين.

رحيم لاشاري

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.