آزاداڻي پرڏيهي پاليسي لاءِ ڊيجيٽل ڊپلوميسي وقت جي ضرورت آهي: شاهه محمود

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڊيجيٽل ڊپلوميسي جي ضرورت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ ان تي ڪم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

پرڏيهي وزارت ۾ ميڊيا سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته آزاداڻي پرڏيهي پاليسي جي لاءِ اڪنامڪل ڊپلوميسي جو مضبوط هئڻ به ضروري آهي ان ڏس ۾ ڊيجيٽل ڊپلوميسي جي ضرورت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، ڇو ته ڊيجيٽل ڊپلوميسي جديد دور جي تقاضا آهي ۽ وقت جي اهم ضرورت آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته ملڪ جي پهرين لائن آف ڊيفنس ان جي پرڏيهي پاليسي هوندي آهي، پرڏيهي کاتي ۾ زير زبر تبديل ٿيڻ جا اثر سڄي ملڪ ۽ پرڏيهي پاليسي تي پوندا آهن.

شاهه محمود قريشي جو دهشتگردي جي حوالي سان چوڻ هو ته دنيا کي قائل ڪيو ته اسان دهشتگردي مان متاثر ٿياسين ۽ ان کي سڪست ڏني، ماضي جي ڀيٽ ۾ اسان جون ذميواريون وڌي چڪيون آهن، پهرين جي ڀيٽ ۾ هاڻ پاڪستان جي مخالفن جو نظريي جو جواب به ڏنو ويندو آهي. اِهو ان ڪري به ضروري آهي ته اڄوڪي جي دور ۾ نظريي جي ڪليدي حيثيت آهي ان ڪري اسان ڀارت جي دهشتگردي واري نظريي کي ڀرپور طرح ڪائونٽر ڪيو.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جو عوام ڀارت جي سفاڪاڻي تشدد جو بشانو بڻجي رهيو آهي، ڀارت مڪاري سان ڪشميرين جي تحريڪ خوداراديت جو نالو تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جو پاماليون جاري آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.