حيدرآباد: مهينو اڳ کنڀي گم ڪيل وڪيل محب لغاري گهر پهچي ويو

حيدرآباد مان مهينو اڳ کنڀي گم ڪيل هاءِ ڪورٽ جو وڪيل سنڌ سڄاڳي فورم جو سيڪٽري جنرل ايڊوڪيٽ محب آزاد لغاري رات آزاد ٿي گهر پهچي ويو ، وڪيل محب آزاد بازيابي تي سندس وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي. وڪيل محب آزاد کي  4  سيپٽمبر تي ڏينهن جو ڪورٽ ويندي  ڳوٺ صاحب خان چانڊيو وٽان کنڀي گم ڪيو ويو هو،  واضح رهي ته گم ڪيل وڪيل محب آزاد لغاري جي بازيابي لاءِ وڪيل برداري, سنڌ جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڀرپور احتجاج ڪيو ويو هو.

رپورٽ- حسيب لطيفي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.