ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه خاص مددگار واري عهدي تان هٿ کڻي ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه سڌُ سماءَ بابت وزير اعظم جي خاص مددگار وارو عهدو ڇڏي ڏنو جڏهن ته وزير اعظم هن جي استعيفيٰ به منظور ڪري ورتي.

ان حوالي سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن لکيو ته مون وزير اعظم عمران خان کان درخواست ڪئي هئي ته مون کي سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار واري واڌو عهدي تان هٿ کڻڻ ڏنو وڃي.

خيال رهي ته عاصم سليم باجوه پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جو چيئرمين هئڻ سان گڏوگڏ خاص مددگار جي واڌو عهدي تي به فرض انجام ڏئي رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.