حيدرآباد ۾ پورهيت جو قبضاگيرن خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) گنجي ٽڪر جي رهواسي رمضان سولنگي پنهنجن گهر ڀاتين سان گڏجي قبضا گيرن خلاف حيدر آباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي الزام هنيو ته سندس گهر جي پاسي ۾ 25 فٽ سرڪاري پلاٽ آهي. جيڪو گذريل 25 سالن کان هن وٽ آهي، جڏهن ته هاڻ علائقي جا بااثر سرڪي برادري جا ماڻهو ان پلاٽ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حد سائيٽ ٿاڻي جي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پلاٽ تي قبضو ڪندڙ بااثر ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.