ڳڙهي خيري لڳ روڊ رولڙي جو شڪار، رهواسي پريشان

ڳڙھي خيرو (ن ع آ) ڳڙھي خيرو سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺھندڙ بائي پاس وارو ڪم ٺيڪيدار جي لا پرواھي سبب رولھڙي جو شڪار، لکين رپين جون گھوٻيون, روڊ لاء لٿل پٿر عوام لاء آزار بڻجي ويا، لکين روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، بائي پاس جي روڊ جو ڪم ٺيڪيدار جي لا پرواھي سبب ھڪ سال کان رولھڙي جو شڪار آھي، روڊ جو ڪم شروع نه ٿيڻ سبب بلوچستان مان ايندڙ ۽ ويندڙ مسافرن ۽ مريضن کي شھر مان گذرڻ دوران سخت مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پوندو آھي، بائي اگر پاس روڊ عوام لاء آزار بڻجي ويو آھي، ڳڙھي خيرو جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۽ شھرين سنڌ حڪومت ۽ اعلي’ آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ٺيڪيدار کي ھٽايو وڃي.  ۽ ان جي جاء تي ايماندار ٺيڪيدار کي مقرر ڪري روڊ جي تعمير جو ڪم ڏنو وڃي، جيئين بائي پاس روڊ جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ٿي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.