ڄامشورو ۾ يونيورسٽي ملازم تي حملي خلاف مظاهرو

ڄامشورو ( ڊ ر ) سنڌ يونيورسٽي جو رٽائرڊ ملازم سماجي اڳواڻ امداد سھارڻ تي مبيا حملي خلاف سندس برادري جي ماڻھن سياسي سماجي اڳواڻن طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شھر کان ريلي ڪڍي مختلف رستن جو گشت ڪرڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇتي نعريبازي ڪرڻ بعد ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان مظاھرو، ان موقعي احتجاج ڪندڙن سرمد سھارڻ، پير بخش سھارڻ، اياز سھارڻ، ذوالفقار سھارڻ ، سيوا اڳواڻ محمد علي گھانگھرو  ۽ ٻين الزام ھڻندي صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تـ رٽائرڊ پوليس عملدار حضور بخش پنھور، محمد علي پنھور، امجد پنھور، جاويد، صدام شوڪت پنھور ۽ٻين معمولي ڳالھه تان حملو ڪري اسان جي سماجي اڳواڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازم امداد سھارڻ تي خوني حملو ڪري تشدد ڪيو.،  ان جي ھڪ اک ضايع ڪري ڇڏي آھي پاسيراٽيون ڀنڃي ڇڏيون آھن، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل آھي، پوليس پٽي ڀائي جي ونگار وھندي جوابدارن خلاف ڪيس داخل نٿي ڪري، هنن،  ڊي آءِ  جي حيدرآباد ، ايس ايس پي ڄامشورو نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.