ڪوٽ مير محمد ۾قبيلائي تڪرار نبيرڻ لاءِ ڪوششون ناڪام

پيرجوڳوٺ /ڪوٽ مير محمد (نمائندا ) ٺاھ ڪريو جسقم جي مرڪزي اڳواڻن جو ڪوٽ مير محمد جي علائقي ۾ هلندڙ ڀٽا، اوڍا، ناريجا خوني تقرار جي خاتمي لاءِ پاڪ ڪتاب نياڻيون ۽ شاھ جو رسالو ساڻ ڪري ڌرين وٽ  ٺاھ لاءِ ميڙ منٿ قافلو پهتو ڌرين جو ٺاھ کان انڪار. تفصيل موجب: ڀٽا، اوڍا، ناريجا برادرين ۾ ھلندڙ قبائلي تقرار جي خاتمي لاءِ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ امجد خان مهيسر، الحاج هادي بخش الرو، سردار نظير احمد الرو، سردار نسيم الرو، سيد جمن شاه، سردار الطاف خان الرو، سيد اشفاق شاھ ۽ علائقي جي معززين جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب، شاھ جو رسالو، ۽ نياڻيون ساڻ ڪري ڀٽا برادري ۽ اوڍا برادري وٽ خوني تقرار کي ختم ڪرڻ لاءِ پهتا ميڙ منٿ قافلي کي ڀٽا برادري جي چڱي صدرالدين ڀٽو پاران قتلن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتار ٿيڻ تائين ٺاھ ڪرڻ کان انڪار ٻئي پاسي اوڍا برادري جي چڱي مڙس امان الله اوڍي پاران ميڙ کي جواب ڏيندي چيو ته ناريجا برادري جو اسان سان نه پر پوليس سان جهيڙو آھي اسان ڇا جو ٺاھ ڪريون، جڏھن ته جسقم جي مرڪزي اڳواڻ امجد خان مهيسر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا ناسور بڻيل آھن ۽ نوجوانن کي قلم بدلي هٿيار ڏسي جيءۡ جهري پوندو آھي.  اسان ڌرين ۾ ٺاھ ڪرائڻ لاءِ پنهنجي وسان نه گهٽائينداسين، ياد رهي ته ٽي سال اڳ فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو ٿيو هيو جنهن ۾ بلاول عرف بلو ناريجو مارجي ويو هيو ۽ ٻه پوليس اهلڪار يونس ڪانهر ۽ مبارڪ ناريجو شھيد ٿيا هئا جنهن بعد قبائلي تقرار شروع ٿيو ۽ ڀٽا برادري جي پوليس اهلڪار سميت چار نوجوان، ناريجا برادري جو هڪ نوجوان ۽ اوڍا برادري جو هڪ نوجوان سميت اٺ قتل ٿي چڪا آھن جنهن سبب علائقو نوگوايريا بڻيل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.