ڪشمور۾5 واپارين کان ڦر، مزاحمت تي هڪ ڄڻو زخمي

ڪشمور (ڊ ر ) ڪشمور ۾ ھڪ ڏينھن اندر 5 شھرين کان ڦورو روڪ رقم ۽ سوني منڊي ڦري ھڪ واپاري کي زخمي ڪرڻ بعد آساني  سان فرار ٿي ويا ڪشمور شاھي واھ مارڪيٽ مان چوپائي مال جو کڙ بوسو وڪرو ڪندڙ ھندو واپاري جئپال ڪمار کان نامعلوم جوابدارن 20 ھزار روڪ رقم ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت تي ڦورو ٽنگن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا  سبزي مارڪيٽ ۾ ھٿيار بندن ھٿيارن جي زور تي کير ۽ چپس ھول سيلر واپاري ارجن ڪمار کان ھڪ لک 15 ھزار رپيا روڪ ڦري آساني سان فرار ٿي ويا ٻئي پاسي ڪشمور ملڪ لاڙي وٽ موٽرسائيڪل سوار ھندو شھرين صوفن داس کان روڪ 3 ھزار، پپو ڪمار کان 24 ھزار وحيد احمد چنا کان روڪ 6 ھزار ڦرجي ويا ڪشمور پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي ڦورن ھٿان زخمي ھندو واپاري جئپال داس کي خانگي اسپتال ۾ طبعي امداد ڏني وئي ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او اڪبر علي چنا ۽ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ طرفان اسپيشل ٽيم ڪشمور پھچي ڦورن ھٿان ڦرجي ويل ڪشمور جي ھندو واپارين وٽ پھچي تفصيل ڦر جا انگ اکر ۽ نشاندهي ڪئي ايس ايڇ او ڪشمور چيو ته ڦر ڪندڙ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم شھرين کي رڪور ڪرائي ويندي ڦورن کي ڪنهن صورت سک سان ويھڻ نه ڏنو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.