ڏهرڪي ۾ راما پير مندر تي حملي خلاف احتجاج

ڏهرڪي (ت ر) ڏھرڪي ۾ راما پير جي مندر تي حملو ڪندڙ جوبدارن جي گرفتاري لاءِ مينگهواڙ برادري جي ماڻهن جو احتجاج اعلي اختيارين  کان  مندر جي مورتين جي توڙ ڦوڙ ڪندڙ جوبدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو   ڏهرڪي ۾ مينگهواڙ برادري جي ماڻهن پاران ڪڙيو گهنور جي راما پير جي مندر تي جوبدارن پاران حملو ڪري مندر جي  مورتين جي توڙ ڦوڙ ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن ايڊووڪيٽ مڪيش ڪمار، مکي سنتوش, مکي شيو لعل، وجي ڪمارچاولا، ڪيول رام ,ساگر ، لعل چند  ۽ ٻين چيو ته ڪجهه شر پسندن هندو ۽ مسلمانن ۾ نفرتون ڦهلائڻ لاءِ راما پير جي مندر تي حملو ڪري مندر جي مورتين جي ٽوڙ ڦور ڪري هندو مينگهواڙ برادري جي ماڻهن جي دل آزاري ڪرائي آهي جنهن بعد اسان اهڙي واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا . هنن مطالبو ڪيو ته مندر تي حملو ڪندڙ جوبدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي ٻارن ۽ مندرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري پاڪستان ۾ پرامن احتجاج شروع ڪيو ويندو.

خيرپور ۾ ماءُ تي تشدد، هٿيار تاڻي، ڦرلٽ ڪري فرار

خيرپور ( ڊ ر ) بي سيڪشن ٿاڻي  جي حد ڳوٺ حاجي عنايت الله ڪورائي ۾ نوجوان پٽ پاران جيجل امڙ مٿان هٿيارن تاڻي ورتا ،ماء کي  تشدد جو نشانو بڻائي . زبردستي گهر ۾ پيل سونا زيور ،زمين جي کاتي جا ڪاغذات ۽ پيء جي لائسنس شده پسٽل کڻي فرار ٿي ويو ، هن سلسلي ۾ جوابدار محمد اسحاق ڪورائي جي پيءُ علي بخش ۽ مسمان  ن ڪ  صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته اسان جو پٽ اسحاق  ڏوهارين  ماڻھن جي صحبت ۾اچي خراب ٿي ويو آھي هنن چيو ته جوابدار اسحاق هڪ مهينو اڳ سخي پيٽرول پمپ تان 2 ڦر ڪري ويو هو جڏهن ته برادري جي نيڪ خاندان جي ناريء کي زبردستي اغوا ڪري ويو هو،  اسحاق کي روڪڻ تان هو جيجل ماء ۽ گهر ڀاتين مٿان ڏمرجي پيو ۽ ماءُ  کي تشدد ڪري گهر مان سونا زيور ،پيء جو لائسنس وارو پسٽل، قيمتي سامان ،۽ زمين جي کاتي جا ڪاغذ کڻي فرار ٿي ويو آهي هنن ٻڌايو ته اسحاق اسان خاموش رهڻ لاء ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي ،هنن  مطالبو  ڪيو ته اسحاق ڪورائي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ڪوٽڏيجي ۾ شهرين چور کي پڪڙي ورتو

ڪوٽڏيجي ( ن ع آ ) ڪوٽڏيجي شھر جي ڏتل شاهه محلي ۾ چوري ڪندي منير عرف ڊينگو  شيخ کي شهرين سوگهو  ڪري مارڪٽ ڪرڻ  دوران منير شيخ ڪيترن ئي چورين ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آھي شھرين جي مارڪٽ کان پوء  ھن اعتراف ڪندي چيو تہ مون ھڪ موٽر سائيڪل ڪيتريون ئي سولر پليٽون پکا ڪڪڙ ڪبوتر تتر ۽ ڪيترو ئي قيمتي سامان چوري ڪيون آهن ڪيترائي ڀيرا ڪوٽڏيجي پوليس مون کي گرفتار پڻ ڪيو آھي  پوليس پئسا وٺي ڇڏي ڏيندي آھي پيرل بڙدي جيڪو پوليس وارو آھي اھو مون کي ڇڏرائيندو آھي شهرين چور کي ڪٽڪي ڏيڻ بعد ڪوٽڏيجي پوليس حوالي ڪيو ويو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي ٻڌايو ته منير شيخ جي نالي سان ڪا به گرفتاري وغيره ناهي ٿي نه ئي ڪو فريادي اسان وٺ آيو آهي  وڌيڪ اسان جاچ ڪيون پيا .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.