مهانگائي جو ستايل عوام هاڻي حساب وٺندو: راڻا ثناءُ الله

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري جو ستايل عوام ان سازش جو هاڻي حساب  وٺندو، اها سازش نه هجي ها ته ڊالر جي قيمت نه وڌي ها، هن چيو ته بدترين مهانگائي ، تاريخي قرض کڻي ملڪ خلاف سازش ڪئي وئي، آر ٽي ايس نه ويهي ها ته عمران نيازي بني گاله ۽ شيخ رشيد لال حويلي ۾ ئي قيد هجي ها، هن چيو ته اپوزيشن تي غداري جا ڪيس ٺاهيا ويا، وفاق ۽ اڪاين جو تعلق خراب ڪيو ويو، ان عالمي سازش ذريعي 5.8 سيڪڙو ترقي ڪندڙ معيشت جي شرح منفي 0.4 سيڪڙو تي آندي وئي،  هن چيو ته ملڪ خلاف عالمي سازش اربين کربين رپين جي فارن فنڊنگ سان ٿي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.