عوام جي تعاون بنا ڪورونا خلاف ڪاميابي ممڪن نه آهي: اسد عمر

اسلام آباد ( بيورو) وفاقاي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورنا ٽيس مثبت اڄڻ جي شرح 2 سيڪڙو وڌي وئي آهي هن چيو ته اسلام آباد ۽  ڪشمير ۾ مني لاڪ ڊائون ٻيهر لاڳو ڪيو ويو آهي، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته انتظاميا جي قدمن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ عوام جي تعاون جي ضرورت آهي، عوام جي تعاون بنا ڪاميابي ممڪن نه آهي. هن چيو ته ڪورونا جي شرح وڌي رهي رهي آهي ، عوام کي اڳي جيان تعاون ڪرڻ گهرجي.

غداري ڪيسن سان ملڪ کي ڪمزور ڪيو ويو: راجا فاروق حيدر

اسلام آباد (م ڊ) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان چيو آهي ته ان کان وڏي بدقسمتي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته  جنهن جو جيئڻ مرڻ پاڪستان ۾ آهي، ان کي به غدارن ۾ شامل ڪيو ويو،خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي راجا فاروق حيدر خان چيو ته ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جي خبر پوڻ تي ڏاڍو ڏُک ٿيو، پي ڊي ايم جا اڳواڻ مودي جا ايجنٽ آهن ته پاڪستان جي وجود تي سوال ٿو اُٿي، مان ڪنهن کي ناهي چيو ۽ نه چوندس ته منهنجو نالو ايف آءِ آر مان ڪڍو،هن چيو ته ان کان وڏي بدقسمتي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته جنهن جو جيئڻ مرڻ پاڪستان سان آهي،  ان کي به غدارن ۾ شامل ڪيو ويو، مون کي جاچ لاءِ گهرايو ويو ته سرڪاري گاڏي ۾ هٿڪڙيون پائي ويندس، اسان جو مستقبل پاڪستان آهي، پاڪستان سان وابستگي وڌيڪ مضبوط ٿيندي، عزم ڪمزور نه ٿيندو، خواهش آهي ته سرينگر ۾ پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪايان،سندس چوڻ هو ته ايف آءِ آر ۾ شامل قلم ڪو عام ماڻهو داخل ڪرائي سگهي ٿو؟ انهن کي ايتري به توفيق ناهي ته ڪير فون ڪري معذرت ڪري، پاڪستان جو وزيراعظم ڪير به هجي اسان لاءِ احترام لائق آهي، جڏهن وزيراعظم چئي ته اپوزيشن جي پويان مودي آهي ته اهڙا ڪيس داخل ٿيندا آهن،  ايف آءِ آر اختلافي ڏيوالپڻو ۽ ملڪ دشمني جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي،آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته پيڪا سميت ن ليگ جي حڪومت ۾ ٺهيل ڪجهه قانون درست ناهن، هتي مادر ملت کي غدار چيو ويو، اهڙيون ڳالهيون ملڪ کي ڪمزور ڪنديون آهن، پريشاني اها آهي ته مان ڀارتي ايجنٽ آهيان ته ڪشميري طور منهنجو مستقبل ڪهڙو آهي؟هن چيو ته اي پي سي ۾ رڳو پاڪستان کي آئين موجب هلائڻ جي ڳالهه ٿي.

ڀارت پاڪستان  ۾ ڏڦيڙ چاهي ٿو: طاهر اشرفي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڀارت پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ گهري ٿو، دشمن چاهي ٿو ته پاڪستان ۾ فرقيواريت جي  لهر پکڙجي، وزيراعظم جي خصوصي معاون طاهر اشرفي چيو آهي ته عالم نظرياتي سرحدن جا محافظ هوندا آهن، سنڌ سرڪار کي مولانا عادل خان کي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ گهرجي ها، وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه سان ملاقات بعد مولانا طاهر اشرفي چيو ته ملاقات ۾ دشمن جي ناپاڪ مقصدن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ لائحه عمل تي صلاح مشورا ڪيا ويا، حڪومتي يوسيز سطح تي بين المسالڪ هم آهنگي ڪائونسلز جوڙي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.