حيدرآباد ۾ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازم جو سن ڪوٽا تحت پٽ کي نوڪري نه ملڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ٽنڊوڄام جي پيرسن رهواسي ۽ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي رٽائرڊ ملازم ڪامريڊ محمد عرس هنڱورو سن ڪوٽا تحت پٽ کي نوڪري نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻين ادارن جيان سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي رٽائر ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن، هن چيو ته هو سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ملازم هو. جنهن کي رٽائرڊ ٿيندي 2 سال گذري ويا آهن،پيشن مان گهر جو گذر سفر ٿيڻ انتهائي مشڪل ٿي ويو آهي. هن چيو ته سندس هڪ پٽ اعليٰ تعليم يافته آهي پر ان هوندي به ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ ۾ رٽائرڊ ڪوٽا تي نوڪري نٿي ڏني وڃي. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ايگريڪلچر کاتي سنڌ جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو کان مطالبو ڪيو ته ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ ۾ سندس پٽ کي نوڪري ڏئي انصاف ڪيو وڃي.17

 

راضيديري لڳ سماجي اڳواڻ اصغر علي آرائين جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

 

راضيديرو ( ن ع آ ) راضيديرو جي سماجي اڳواڻ اصغر علي آرائين جي امڙ 70 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي صحافي ۽ برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏھن ته سندس سان راضيديرو لڳ ڳوٺ بنگالو ۾ تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.

 

ڪوٽڙي اسٽيشن تي ريل جا ڇهه گاڏا پٽڙي تان لهي ويا

 

ڪوٽڙي (ت ر  ) ڪوٽڙي اسٽيشن تي ڪراچي کان لاھور ويندڙ مال گاڏي جا ڇھه گاڏا پٽڙي تان لھي ويا جنھن سبب ڪراچي ويندڙ ٽريڪ تي ٽرينن جي  آمد رفت مڪمل طور بند ٿي وئي، جنھن بعد ڪرين جي مدد سان 4 ڪلاڪن جي ڪوشش بعد لٿل گاڏن کي پٽڙي تي بحال ڪري منزل ڏانھن روانو ڪيو ويو.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.