زيادتي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪريو“ ڪوٽڏيجي ۾ مظاهرو

ڪوٽڏيجي ( ن ع آ ) 6 ڏينهن اڳ  بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪي ٽي اين نيوز ڪوٽڏيجي جي رپورٽر خان محمد ملاح جي 7 سالن جي معصوم نينگري مدم ملاح  سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪوٽڏيجي جي صحافين امان الله بگٽي، شاهد سومرو، امير بخش گوپانگ، حسن رضا ڀنڀرو ،ثناءُ الله بگٽي، رحيم بخش گوپانگ، فضل محمد بگٽي، معشوق علي لنجواڻي، غلام اڪبر گوپانگ ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوٽڏيجي جي صحافي خان محمد ملاح جي معصوم نياڻي پنهنجي ڀيڻ جي گهر کان واپس اچي رهي هئي ته رستي تي وهشي درندي رقيب مهيسر نياڻي کي خرچي جو لالچ ڏئي مدرسي ۾ نينگري کي وٺي وڃي . زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي نينگري جي رڙين تي پاڙيسرن پهچي نينگري کي بچائي ورتو، جنهن کان بعد ايس ايس پي خيرپور معملي جو نوٽيس وٺي جوابدار مٿان ايف آء آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو  ايس ايس پي خيرپور پوليس جي ترجمان پريس رليز ۾ ڄاڻايو ته پوليس بر وقت ڪاروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي مٿس ايف آء آر داخل ڪئي وئي پر گرفتاري ناهي ٿي سگهي اگر جوابدار گرفتار ٿيو آھي ته ان جي گرفتار ظاهر ڇونه ڪئي وئي آھي آفسوس 6 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود بي سيڪشن پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو جوابدار ڊي ايس پي منير مهيسر جو ڀائٽيو هجڻ ڪري پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي جوابدار رقيب مهيسر کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو

دادو ۾ شاگردياڻي سان زيادتي مامرو، اي آءِ جي نوٽيس ورتو

دادو ( ڊ ر  ) دادو شهر جي ملاح پاڙي جي رهواسي نينگري 5 ڪلاس جي شاگردياڻي سحرس سومرو سان  زيادتي واري معامري جو اي آءِ جي سنڌ پوليس نوٽيس وٺندي  ايس ايس پي دادو کان سخت پڇاڻو ڪيو، اي آءِ جي نوٽيس بعد  الزام هيٺ آيل جوابدار راشد پٽ هاشم پنهورپاڻ مرادو ٿاڻي تي پھچي  گرفتاري ڏئي ڇڏي ، ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ 5 ڪلاس جي شاگردياڻي سحرش ڌي جاويد سومرو سان جنسي زيادتي ٿي هئي جنهن جو اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، نينگري جي والد جاويد سومرو ڪيس ۾ ڄاڻايو هو ته سندس ڌي اسڪول کان نڪتي ته جوابدارجي ڀيڻ راشده پنهنجي گهر وٺي وئي ھئي.جنھن کي پڻ پوليس گرفتارنه ڪيوآھي نياڻي کي وٺي اتي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، گرفتار جوابدار راشد پنهور کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

سجاول ۾ زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار قانون کان آجو

سجاول جوڻيجو (ن ع آ) سجاول جوڻيجو لڳ عرضي ڀٽو ۾ ٻـ ڏينھن اڳ گھر کان شيء وٺڻ جي لاء ٻاھر دڪان تي ويل ٻن معصوم نينگرين 8 سالن جي زينب ۽ 7 سالن جي  سائرا ڀٽو کي وحشي صفت جوابدار محمد عرس ڀٽو پاران پئسن جي لالچ ڏئي نينگرين کي مبينـ طور تي زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار عرس ڀٽو کي پوليس ھن وقت تائين گرفتار نـ ڪري سگھي آھي جڏھن تـ بااثرن ۽ پوليس طرفان ڄاڻايل معاملي کي راڄوڻي ذريعي حل ڪرڻ لاء فريادي فيض محمد ڀٽو مٿان دٻاء وڌائي ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ نينگري زينب جي پيء فيض محمد ڀٽو صحافين آڏو دانھيندي چيو تـ سجاول جوڻيجو پوليس وحشي جوابدار کي ھن وقت تائين گرفتار نـ ڪري سگھي آھي ھن وڌيڪ چيو تـ ڄاڻايل جوابدار ڪجھ وقت شھر جي جوان ناري سان زيادتي ڪئي ھئي،تي ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو احسان علي بليدي ٻڌايو تـ جوابدار فرار ٿي ويو آھي جنھن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو جڏھن تـ عيوضي ۾ ان جي پيء کي گرفتار ڪيو آھي.

لعلو رائنڪ ۾ چورين جو آزار، هڪ ئي رات ۾ 2 وارداتون

لعلورائنڪ (ن ع آ  ) ديدار شيدي جي گهر ۾ رات جو چور ڀت ٽپي گهڙي پيا چورن ٽي لک ڪيش ٽن تولن جا سونا زيور ۽ ٻيو سامان کڻي آساني سان ڦرار ٿي ويا. ٻئي  پاسي وري ان ئي گهٽي ۾ چورن عزيز ﷲ ڪلهوڙو جي دڪان کي کاٽ هڻي ٻه عدد سولر پليٽون ۽ دڪان مان ٻيو سامان ٻهاري ويا.  پر لعلورائنڪ پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ سمهي ننڊون پئي ڪيون.شيدي برادري جي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت کوجي ڪتو گهرايو. ڪتو گهمي ڦري عاشق چانڊيو جي واڙي ۾ وڃي ويهي رهيو. ڪتو ڪوڙو آهي ۽ عاشق اسان جو پاڙيسري ڀاءُ آهي. ان دوران عاشق چانڊيو چيو ته مون تي اگر ڏهن سالن تائين اهو ڏوھ ثابت ٿي ته مان ٻيڻ ڀري ڏيندس ٻه سال اڳ اهو ساڳيو ڪتو اچي اسان جي واڙي ۾ ويٺو جنهن کي ان وقت به ڪوڙو ڪرار ڏنو ويو هيو.

ڀان سيدآباد لڳ 9 لک چوريءَ جو جوابدار سوگهو

ڀان سيدآباد( ن ع آ ) ڀان سيدآباد ويجهو ٽلٽي مان 9 لک روپين جي ٿيل چوري جو جوابدار ڀان پوليس پڪڙي ورتو آهي، ڀان پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي جوابدار  معشوق گاڏهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار پوليس آڏو ڏوهه قبوليندي پوليس کي ٻڌايو ته  مون سان گڏ هڪ ٻيو جوابدار به گڏ هو، چوري ڪيل سون ضياءَ سوناري کي وڪرو ڪيم، پوليس موجب گرفتار جوابدار کان وڌيڪ پڇاڳاڇا جاري آهي، هوڏانهن متاثر گهرڀاتي الهبچايو ڪاسائي چوري واپسي لاء احتجاج ڪندي دانهيو تہ ڀان ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ٿيل آهي، هاڻي پوليس هڪ جوابدار به پڪڙيو آهي،  چوري واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ڀان سيدآباد ٽائون ڪميٽي سامهون شهري جي موٽر سائيڪل چوري

ڀان سيدآباد ( ن ع آ  ) ڀان سيدآباد شهر جي ٽائون ڪاميٽي جي سامهون نامعلوم چور مير گل کوسو جي سي ڊي 2019 ماڊل موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا، اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس وقت تي  نہ پهتي جنهن سبب چور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ڀان ٿاڻي تي موٽرسائيڪل چوري جي اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.