استاد بخاري سنڌ ۽ سونھن جو شاعر هو : مقرر

ميھڙ ( ن ع آ ) سنڌ جي سدا بھار شاعر استاد بخاري جي 28 ورسي جي حوالي سان کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ الڪاسب ويئلفيئر  ٽرسٽ ميھڙ جي چيئرمين فاروق سومرو جي ميزباني ھيٺ ميھڙ پريس ڪلب جي گرائونڊ تي مک تقريب منقد ڪئي وئي جنھن جي صدارت استاد بخاري ادبي ڪائونسل جي صدر سينيئر شاعر تابش بخاري ڪئي، مھمان خاص مشھور اديب شاعر عطا الحسنين ڳورڙ اعزازي مھمانن ۾ سول سوسائٽي جا اڳواڻ ، شھري اتحاد جي چيئرمين نياز ٻرڙو ، صدر عبدالستار چنا ، ميھڙ پريس ڪلب جي صدر نياز ڀٽي ، جميل مھيسر رياض چانڊيو ، سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي اڳواڻ خادم چانڊيو ، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ منور جتوئي ، شاعر سجاد يوسف سومرو، امتياز عادل سومرو ، ليکڪ حبيب الله حضوري ، حضب الله مھڙائي ، شاعر نياز جويو اڳوڻو صدر ميھڙ پريس بدر سھول ، پروفيسر مدثر ڳورڙ ، ڊاڪٽر عبدالوحيد درياڻي ۽ ٻيا ھئا.  ۔ ان موقعي تي مقررين خطاب ڪندي چيو ته استاد بخاري سنڌ ۽ سونھن جو پوڃاري ھيو استاد بخاري کي علامه آءِ آءِ  قاضي جي مقرر ڪيل اصولن مطابق دنيا جو وڏو شاعر ۽ موسيقار چئي سگھجي ٿو ھنن چيو ته استاد بخاري جي سنڌي توڙي سرائڪي شاعري مختلف ملڪن ۾ ڳائي وڃي ٿي لنڊن جي لائبريري ۾ استاد بخاري جي ڪتابن جي ڪارنر پڻ قائم ٿي چڪي آھي، ان موقعي تي مقررين استاد بخاري کي عوام جو پسند ديدا عوامي شاعر ۽ دلين جو ترجمان وارو لقب ڏنو ويو جڏھن ته ورسي تقريب ۾ نوجوان راڳي احسن سخيراڻي استاد بخاري جي پياري ۽ من موھيندڙ شاعري پنهنجي سريلي آواز ۾ ٻڌائي محفل کي جھومائي چڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.