ڀان سيد آباد ۾ تار مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري نوجوان فوت

ڀان سيدآباد ( ن ع آ  ) ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ قاسم علي برهماڻي ۾ بجلي جي 11هزار تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 14 ورهين جو نوجوان مختيار پٽ گلڻ برهماڻي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش مقامي اسپتال آندو  ويو جتي نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق بعد لاش وارث گهر کڻائي ويا، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، ماء پي کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا ، وارثن موجب نوجوان مختيار برهماڻي زمين تي چوپائي مال لاء گاهه ڪرڻ ويو  جتي 11هزار وولٽيج جي تار ڪريل هجڻ سبب کيس بجلي جو ڪرنٽ لڳو ۽ هو فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.