خيرپور لڳ حاضري تان موٽندڙن کان ڦر، مزاحمت تي زخمي

ڪوٽڏيجي/ خيرپور  ( ڊ ر + ن ع آ  ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد سول ڪورٽ ڀرسان لنڪ روڊ تي چار  هٿياربند ٻن موٽر سائيڪلن تي  سوار حاضري تان موٽندڙ زبيرانصاري ۽ سندس والده کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش مذاحمت تي مٿان سخت تشدد زبيرانصاري جي والده سخت زخمي رتورت ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي 4 جوابدارن عبدالغني ڪناصرو ۽ ٻين مٿان اين سي داخل پوليس زخمي عورت کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال علاج لاءِ موڪليو ويو جتي زخمي عورت کي مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب سندس حالت ڳڻتي جوڳي خيرپور اسپتال موڪليو ويو زبير انصاري چيو ته احتجاج ڪندي  ايڊيشنل آءِ جي سکر ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڏوهارين کي گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.  هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي ٻڌايو زخمي زبير انصاري ۽ ان جي والده روڊ جي ڪراسنگ دوران ايڪسيڊنٽ ٿي پيا آهن زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي انهن جي اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا وڌيڪ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ اچڻ بعد ايف آئي آر داخل ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.