شاهپور چاڪر ۾ پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

شاه پور چاڪر (ن ع آ)شاه پور چاڪر مان وھندڙ سدا واهه شاخ جي پڇڙيءَ جي آبادگارن جي پاڻيءَ جي کوٽ خلاف آبادگارن جي درخواست تي سول جج شفيق احمد کرل وڪيل عبدالحميد ھنڱورو سان گڏ سدا واھ جي پڇڙيءَ تي پھچي آبادگارن جي شڪايتن تي  شاخ تي غير قانوني واٽر ڪورس ۽ موڳا ھجڻ ڪري پڇڙيءَ جي آبادگارن کي پنھنجي حصي جو زرعي  پاڻي کان محروم ڪيو ويو آهي آبادگارن دانھيندي چيو آبپاشي جي عملدارن ناجائزي ڪري کين پنھنجي حصي جي پاڻي  کان محروم ڪري  سندن فصل سڪائي تباھ ڪري ڇڏيا آهن سول جج شفيق احمد کرل آبپاشيءَ جي ايس ڊي او شاھ پور چاڪر کي حڪم ڏنو ته پڇڙيءَ جي آبادگارن کي فوري طور تي سندن حصي جو پاڻي پھچائڻ آبپاشي جي جي عملي ذميواري آهي . شاخ تي  غير قانوني واٽر ڪورس ۽ موڳا بند ڪري پڇڙيءَ جي آبادگارن کي پاڻي ڏنو وڃي نه ته آبپاشي کاتي جي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي آبادگارن جي وڏي تعداد موقعي تي موجود ھئا. مقامي پوليس جي ايس ايڇ او احمد بخش راھمون ۽ ايس آئي پي افتخار چانڊيو موجود رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.