گلگت بلتستان اڳواڻ بابا جان جي گرفتاري خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي ورڪرز پارٽي حيدرآباد پاران عوامي ورڪرز پارٽي گلگت بلتستان جي اڳواڻ بابا جان ۽ ان جي ساٿين جي آزادي /ڏسو صفحو 7 ڪالم 8

لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرو ڪندڙن بابا جان ۽ جي ٻين ساٿين کي فوري طور آزاد ڪرڻ ۽ گلگت بلتستان جا سياسي مسئلا حل ڪرڻ جي گهر ڪئي. مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ بابا جان ۽ ان جي ٻين ساٿين جي آزادي وارا بينر ۽ پارٽي جا جهنڊا کنيل هئا. انهيءَ موقعي تي ڪامريڊ عاليا بخشل ٿلهو، مقصوده رتڙ، پنهل ساريو، ڪامريڊ لطيف لغاري ۽ ٻين تقريرون ڪري بابا جان ۽ سڄي ملڪ مان گرفتار سياسي قيدين جي آزادي جي گهر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.